ڪنھن ملڪ، گروھھ يا تنظيم کي ملڪ کي سياسي ۽ معاشي غير مستحڪم ڪرڻ نھ ڏنو ويندو: آرمي چيف  

Spread the love

پشاور (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اسان ملڪ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهيون. ملڪ جون سرحدون مضبوط هٿن ۾ آهن. ڪاڪول ۾ 146هين ايم اي لانگ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهيپاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن عظيم اداري مان پاس آئوٽ ٿيڻ اوهان لاءِ اعزاز جهڙي ڳالهه آهي. آرمي چيف پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي خطاب ڪندي چيو ته اوهان کي فخر هجڻ گهرجي ته اوهان هڪ عظيم بهادر فوج جو حصو بنجڻ وڃي رهيا آهيون. هن فوج پاڪستان کي دهشتگردي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. 42 سال اڳ مون به هن اداري مان ٽريننگ حاصل ڪئي هئي. تڏهن مون اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هن عظيم فوج جي ڪمانڊ مان سنڀاليندس. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته اڳيان جو سفر اوهان لاءِ تمام گهڻا چئلينج کڻي ايندو. اوهان کي مستقبل ۾ وڏا فيصلا ڪرڻا آهن. ملڪ جي حفاظت، عزت ۽ بهتري لاءِ اوهان کي ڪم ڪرڻو آهي. اوهان کي ملڪ جي سلامتي لاءِ قربانيون ڏيڻيون پونديون. جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته ڪنهن به ڪوڙي خبر ۽ ان جي پروپيگنڊا تي ڌيان نه ڏيو. پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي جيڪو پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو. پاڙيسري ملڪن سان سمورا مسئلا پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. آرمي چيف چيو ته امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اسان ملڪ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهيون. ملڪ جون سرحدون مضبوط هٿن ۾ آهن. اسان ڪنهن کي به پنهنجي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ھن چيو ته ڪنھن ملڪ، گروپ يا تنظيم کي پاڪستان کي سياسي ۽ معاشي غير مستحڪم ڪرڻ نھ ڏنو ويندو. ھن چيو ته اسان کي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته شعلن کي پنھنجي خطي کان دور رکون، اسان کي طريقيڪار ٺاھي پنھنجي معاملن کي پُرامن طور تي حل ڪرڻ جي لاءِ امن کي موقعو ڏيڻ گھرجي، اسان کي ھڪ ٻئي سان وڙھڻ بجاءِ ملي ڪري بک، غربت، جھالت جو مقابلو ڪرڻ گھرجي، اسان کي ملي ڪري تيزي سان وڌندڙ آبادي،ماحولياتي تبديلي ۽ بيمارين جو مقابلو ڪرڻ گھرجي. ھن چيو ته دنيا بدلجي وئي آھي، اسان کي تبديل ٿيڻ گھرجي، جي نه ته ”اسٽيٽس ڪو“ جي قيمت اسان سڀني کي ادا ڪرڻي پوندي.

آڪٽوبر 9, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو