فوجي گهرائڻ ۽ آرٽيڪل 245 لڳائڻ جو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيو: شيخ رشيد
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ڪنٽينر رستو نٿا روڪي سگهن، فوجي گهرائڻ ۽ آرٽيڪل 245 لڳائڻ جو خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنو. ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي شيخ رشيد چيو ته بيلٽ بدران بُلٽ جو استعمال سڄي ملڪ ۾ سياسي باهه لڳائيندو، تباهه معيشت خطرناڪ بحران ۾ شامل ٿي ويندي. هن چيو ته حڪومت اسلام آباد ۾ 25 لک ماڻهنکي قلعي بند ڪيو ته ماڻهو مارگلا جي جبلن مان نڪري ايندا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته آرمي چيف جي بيان کانپوءِ افواهه ختم ۽ تڪڙي چونڊون ٿيڻ گهرجن. هن اهو به چيو ته فوج ڳالهين جي ميز تي ايندي ۽ صاف شفاف چونڊون ڪرائيندي.
آڪٽوبر 7, 2022