25 لک کان وڌيڪ خاندانن ۾ 63 ارب روپين کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي: شازيه مري
ڪراچي (رپورٽر) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه عطا مري چيو آهي ته تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر 25 لک کان وڌيڪ خاندانن ۾ 63 ارب روپين کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي ۽ اھو سلسلو اڃا تائين جاري آهي . اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سان سندس آفيس اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ڪيوـ وفاقي وزير شازيه عطا مري عالمي بينڪ جي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ورلڊ فوڊ پروگرام جي سهڪار سان بينظير نشونما تحت 9 لک عورتن لاءِ معياري خوراڪ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي ۽ بينظيرنشونما پروگرام تحت هن وقت تائين 25 هزار ڳورھاريون ۽ کير پياريندڙ مائرون فائدو حاصل ڪري چڪيون آهن ـ
آڪٽوبر 7, 2022