سلمان خان جو نئون ٽيلينٽ سامهون اچي ويو، وڊيو وائرل

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جتي پنهنجي دبنگ اداڪاري سبب مشهور آهي اتي ئي هن ۾ هڪ انوکو ٽيلينٽ به موجود آهي جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.سوشل ميڊيا تي اداڪار سلمان خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن کي پورٽريٽ ٺاهيندي ڏسي سگھجي ٿو.وڊيو ۾ سلمان خان کي چارڪول پينسل جي مدد سان ٻه انساني شڪليون ٺاهيندي ڏسي سگھجي ٿو.وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته اداڪار ڪڏهن پينسل سان ته ڪڏهن پورٽريٽ کي مڪمل ڪرڻ لا3 پنهنجن هٿن ۽ آڱرين جو به استعمال ڪري ٿو.سلمان خان جي ان لڪيل ٽيلينٽ کي ڄاڻي سندس مداح حيران ٿي رهيا آهن ۽ سندس ساراهه به ڪئي پئي وڃي.واضح رهي ته سلمان خان نه رڳو بهترين اداڪار ۽ آرٽسٽ آهي پر هو پنهنجي هڪ غير سرڪاري تنظيم ”بينگ هيومن“ به هلائي رهيو آهي جنهن سان هو ضرورتمندن جي خدمت به ڪندو رهندو آهي.

سيپٽمبر 19, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو