هيءَ اداڪارا محبت کي بي وقوفي سمجهي ٿي!

Spread the love

شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا سحر خان چيو آهي ته محبت بي وقوفن جو ڪم آهي ۽ مان سمجهدار ٿي وئي آهيان.ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا سحر خان تازي انٽرويو ۾ ڪيريئر بابت خيالن جو اظهار ڪرڻ سان گڏ جيون ساٿي جي خوبين تي به ڳالهايو.هن چيو ته مون کي في الحال محبت ناهي ٿي، اهو في وقوفن جو ڪم آهي ۽ مان سمجهدار ٿي وئي آهيان.سندس چوڻ هو ته مان دل ٽٽڻ کان ڊڄان ٿي، جڏهن ته اهڙو جيون ساٿي چاهيان ٿي، جيڪو ڊگهو هجي ۽ خوبصورت به هجي.سحر خان چيو ته في الحال منهنجو شادي جو ڪو ارادو ناهي، تنهن ڪري جيون ساٿي جي حوالي سان وڌيڪ ڪجهه ناهي سوچيو، منهنجو فوڪس هن وقت ڪيريئر تي آهي.

سيپٽمبر 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو