نور مقدم سان هڪجهڙائي محسوس ڪريان ٿي: طوبيٰ انور  

Spread the love

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ مشهور ٽي وي هوسٽ ۽ سياستدان عامر لياقت جي اڳوڻي زال طوبيٰ انور برطانوي ميڊيا اداري کي تازو انٽرويو ڏيندي انڪشاف ڪيو ته نور مقدم واري واقعي وقت هوءَ به ڏکي وقت کي منهن ڏئي رهي هئي. هن چيو ته هوءَ عورتن جي حقن بابت آواز اٿاريندي رهندي آهي ڇاڪاڻ ته عورتن سان ٿيندڙ نا انصافي ۽ زيادتي کي محسوس ڪري سگهي ٿي.پرڏيهي ميڊيا اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن هوءَ سخت وقت مان گزري رهي هئي ان وقت نور مقدم جو بربرديت واري قتل جو واقعو سامهون آيو هو. هن ٻڌايو ته خاص طور تي هن نور مقدم لاءِ ڳالهايو ۽ عورتن سان ٿيندڙ تشدد بابت آواز اٿاريو ڇاڪاڻ ته هوءَ پاڻ ان وقت پنهنجي زندگي ۾ جاکوڙ ڪري رهي هئي.هن چيو ته سندس نور مقدم سان ڪڏهن به ملاقات نه ٿي، کيس پهريون ڪڏهن به نه سڃاڻي پر هن ان سان دلي جڙت محسوس ڪري رهي آهي. سماج ۾ وڪٽم بليمنگ جو رواج عام آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته کيس محسوس ٿيندو آهي ته مشهور هجڻ جي ناتي سندس ذميواري آهي ته عوام ۾ ان ڄاڻ ۽ آگهي کي پکيڙي جنهن بابت کين خبر ناهي.

آڪٽوبر 1, 2022

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو