ڀارت سان ميچ جي بائيڪاٽ تي آءِ سي سي کي ڦڦڙي، اهم عهديدار پاڪستان پهچي ويو
لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان طرفان ڀارت خلاف ميچ جي بائيڪاٽ جي معاملي تي ڳالهين تي آءِ سي سي جو ڊپٽي چيئرمين پاڪستان پهچي ويو.
آءِ سي سي جو ڊپٽي چيئرمين عمران خواجا لاهور پهتو آهي، سنگاپور سان واسطو رکندڙ عمران خواجا پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان ملاقات ڪندو.
ان کان اڳ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر امين الاسلام به پاڪستان پهتو، جيڪو پڻ ڳالهين ۾ شريڪ ٿيندو، ملاقات جي ايجنڊا ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي ڀارت سان ميچ کيڏڻ لاءِ راضي ڪرڻ آهي.
واضح رهي ته پاڪستان بنگلاديش سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت سان ميچ نه کيڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.
بنگلاديش ڀارت ۾ سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪندي ميچون سريلنڪا منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جيڪا آءِ سي سي رد ڪندي بنگلاديش جي جاءِ تي اسڪاٽ لينڊ کي ميگا ايونٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو.
جوابي قدم طور پاڪستان ڀارت سان ميچ کيڏڻ کان انڪار ڪيو آهي، جنهن سبب آءِ سي سي کي وڏو مالي نقصان پهچي سگهي ٿو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ 15 فيبروري تي ڪولمبو ۾ شيڊيول آهي.
