پاڪستان جو غزا بورڊ آف پيس جي پهرئين اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان غزا بورڊ آف پيس جي پهرئين اجلاس ۾ شرڪت جو باضابطا طور فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب اجلاس 19 فيبروري تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ پاڪستان طرفان وزيراعظم يا نائب وزيراعظم نمائندگي ڪندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ غزا جي صورتحال، امن ۽ استحڪام بابت قدمن ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو.
پاڪستان جي شرڪت کي خطي ۾ امن جي قيام ۽ انساني بحران جي حل لاءِ سفارتي ڪوششن جو اهم حصو قرار ڏنو پيو وڃي.

فيبروري 8, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو