ٺٽو: زميندارن جو مير غلام علي ٽالپور خلاف جعلي کاتا ۽ قبضي جا الزام
ٺٽو (نظير احمد قريشي) ايوانِ صحافت پريس ڪلب ٺٽو ۾ ضلع سجاول جا رهواسي،يونين ڪائونسل بچل گگو ديهه گل محمد گگو ، منگيلڌو گگو، جا زميندار هر هڪ اعجاز علي گگؤ ، ذوالفقار علي گگؤ ، معشوق علي گگؤ، اختر علي گگؤ ، اڪرم علي گگؤ ، صفدر علي گگؤ ، بشير احمد گگو، علي انور گگو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته. اسان جي ڏاڏي علي محمد گگو جي زمين جنهن جا اسين مورثي کاتيدار آهيون ، جيڪا ديهه منگيلڌو گگو ۾ تقريباً 750 ايڪڙ تي مشتمل هئي.
مذڪوره زمين سن 1990ع ۾ مير غلام علي ٽالپور جي ڪزن مير محمد علي ٽالپور عرف مير لکي کي 346 ايڪڙ وڪرو ڪئي وئي هئي ۽ ان جو قبضو به ڏنو ويو هو، ليڪن اها زمين ڪجهه وقت کان پوءِ مير لکي ، مير غلام علي ٽالپر کي وڪرو ڪئي هئي هيئنر اسان جي ٻي رھيل زمين 404 ايڪڙ آهي جنهن تي مير غلام علي ٽالپر زبردستي قبضو ڪري جعلي کاتا ٺهرائي رهيو آهي ۽ اسان کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ،
ان کان سواءِ، ديھ گل محمد گگو ۾ اسان جي سروي زمين 150 ايڪڙ موجود آهي، جيڪا دريائي سيلاب جي پاڻي تي آباد ٿيندي آهي، جنهن جا صحيح ۽ قانوني دستاويز اسان جي خاندان علي محمد گوگو جي نالي تي موجود آهن۔
سال 1922ع ۾ اسان پنهنجي رضامندي سان تقريباً 13 ايڪڙ 5 گهنٽا زمين مير غلام علي ٽالپور کي ويڪرو ڪري قبضي ۾ ڏني هئي، پر ان جي به مڪمل رقم اسان کي ادا نه ڪئي وئي ۽ ان جو کاتو اڃا تائين اسان جي نالي تي قائم آهي۔
ان کان علاوه، ديھ گل محمد ۾ اسان جي باقي رهيل تقريباً 137 ايڪڙ زمين آهي، جنهن جا اسين باقاعده کاتيدار آهيون، پر مير غلام علي ٽالپور پنهنجي اثر رسوخ استعمال ڪندي جعلي ڪاغذ تيار ڪرائي غير قانوني نموني سان اسان جي زمين جي ماپ ڪرائي رهيو آهي ۽ ناجائز قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي۔
واضح رهي ته مير غلام علي ٽالپور جعلي کاتو تيار ڪرائي اسان جي قانوني ملڪيت تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪو سراسر ظلم، زيادتي ۽ قانون جي ابتڙ عمل آهي۔
اسان جي زمين جي رقم تقريباً 45 لک روپيه مير غلام علي ٽالپور وٽ بقايه رھيل آهي، جيڪا مختلف بهانا ڪري اسان کي ادا نه ڪئي پئي وڃي ۽ ساڳئي وقت اسان جي زمين تي ناجائز قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔
تنهنڪري، اسين هن پريس ڪانفرنس ذريعي صدر پاڪستان وزير اعظم پاڪستان ، چيف آف آرمي اسٽاف ، وزير اعلي سنڌ ، آئي جي سنڌ ، ڪمشنر حيدرآباد ، ڊپٽي ڪمشنر سجاول ضلعي انتظاميه سجاول کي گذارش ٿا ڪريون ته اسان جي زمين بابت جاري ڪيل جعلي کاتا ۽ غير قانوني ماپ فوراً رد ڪئي وڃي۔
اسان کي بقايه رقم 45 لک روپيه ترت ادا ڪري ۔
اسان جي زمين تان ناجائز قبضو ختم ڪيو وڃي۔
ٻي صورت ۾ اسين مجبورن عدالت جو در کڙڪائينداسين ۽ ذميوار ڌر خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين، جنهن جي مڪمل ذميواري سامهون واري ڌر تي عائد ٿيندي۔
