عمرڪوٽ ۾ گڏيل سياسي جماعتن جي سڏ تي شٽربند هڙتال، بازارون بند
عمرڪوٽ(رپورٽ جمال الدین خاصخيلي) گڏيل سياسي جماعتن جي سڏ تي عمرڪوٽ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جنهن سبب شهر ۾ ڪاروباري مرڪز، بازارون ۽ دڪان بند رهيا، هڙتال دوران ٽريفڪ معمول کان گهٽ رهي، هڙتال جي موقعي تي پريس ڪلب عمرڪوٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي صدر سيد زين شاه چيو ته هڙتال جو مقصد مهانگائي، وڌندڙ عوامي مسئلن ۽ حڪومتي نااهلي خلاف آواز بلند ڪرڻ آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڊگهي حڪمراني عوام لاءِ ڏک ۽ تڪليفن جو سبب بڻجي چڪي آهي
سيد زين شاه وڌيڪَ چيو ته بدعنواني، ناقص حڪمتِ عملي ۽ نااهلي سبب صوبي جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، تعليم، صحت، آبپاشي، روزگار ۽ امن امان جهڙا بنيادي شعبه سخت متاثر آهن، ڳوٺاڻن علائقن ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، شهرن ۾ گندگي، ٽٽل روڊ ۽ اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻاٺ حڪومتي ناڪاميءَ جا چٽا ثبوت آهن، هن چيو ته نوجوان بيروزگاريءَ جو شڪار آهن
هاري سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته وسيلن تي قابض بااثر طبقا وڌيڪَ طاقتور ٿيندا پيا وڃن، عوام ۾ اهو احساس وڌي رهيو آهي ته جيڪڏهن هن صورتحال جو تدارڪ نه ڪيو ويو ته سنڌ وڌيڪَ تباهي ڏانهن وڃي سگهي ٿي، ايس يو پي صدر خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت عوامي مطالبا تسليم نه ڪيا ته احتجاج جو دائر وڌايو ويندو ۽ جدوجهد جاري رهندي
ٻئي پاسي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي سڏ تي عمرڪوٽ ۾ ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي دوران ڪارڪنن “اليڪشن نامنظور”، “ووٽ تي ڌاڙو نامنظور”، ۽ “عوام جي فيصلي جي توهين نامنظور” جهڙا زوردار نعرا هنيا، ريلي ۾ شامل اڳواڻن جو چوڻ هو ته گذريل چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌليون ڪيون ويون
عوام جي ووٽ جو احترام نه ڪيو ويو ۽ نتيجا اڳواٽ طئي ڪيا ويا، هنن چيو ته اهڙيون چونڊون جمهوريت جو قتل آهن ۽ قوم لاءِ ناقابلِ قبول آهن، جي ڊي اي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن لاءِ آزاد جاچ ڪرائي وڃي، ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عوام کي سندس ووٽ جي تحفظ جو حق ڏنو وڃي، هنن واضح ڪيو ته جيستائين انصاف نٿو ملي، احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.
فيبروري 8, 2026