سکر ۾ جي ڊي اي جو فارم 47 خلاف احتجاج، نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو

Spread the love

سکر (رپورٽ محسن علي ڀٽي) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ضلع سکر جي طرفان فارم 47 تحت چونڊن ۾ مبينه بي ضابطگين خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي جي ڊي اي جي ضلعي ڪنويئنر فقير عنايت الله ٻروڙو ڪئي۔

مظاهري ۾ غزنفر شاهه، محمد بچل مهر، اسلام الدين گھانگهرو، محمد حيات منڱريو، ارباز عباسي، شهزاد پهنور، عامر شاهه ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ـ ان موقعي تي مظاهرين کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻن چيو ته 8 فيبروري جي عام چونڊن ۾ فارم 47 ذريعي عوامي مينڊيٽ کي چوري ڪيو ويو، جنهن کي نه رڳو عوام پر ملڪ جي مختلف حصن ۾ سياسي جماعتون به رد ڪري رهيون آهن.

هنن چيو ته سڄي پاڪستان ۾ هن عمل خلاف احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا جاري آهن، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته موجوده حڪومت کي عوامي حمايت حاصل ناهي.

مقررِين چيو ته فارم 47 جي بنياد تي قائم ڪيل حڪومت کي پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ قبوليت حاصل ناهي، ڇاڪاڻ ته هي حڪومت عوام جي ووٽن سان نه پر چونڊ نتيجن ۾ مبينا ردوبدل ذريعي وجود ۾ آئي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته جيستائين شفاف، آزاد ۽ غيرجانبدار چونڊون نٿيون ڪرايون وڃن، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام برقرار رهندو ۽ عوام جا مسئلا حل نه ٿي سگهندا.
جي ڊي اي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور نيون، پرامن ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن ته جيئن اصل عوامي مينڊيٽ سامهون اچي سگهي. هنن چيو ته جيڪي نمائندا حقيقي مينڊيٽ سان چونڊجي ايندا، اهي ئي عوامي مسئلن کي بهتر نموني حل ڪري سگهندا. هنن الزام لڳايو ته موجوده چونڊيل نمائندا عوامي حمايت کان سواءِ آهن ۽ رياستي وسيلن ۽ پروٽوڪول جي سهاري سياست ڪري رهيا آهن.
مظاهرين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومتي سرپرستي ۽ پروٽوڪول ختم ڪيو وڃي ته اهڙا نمائندا عوام ۾ نڪري هڪ ووٽ به حاصل نه ڪري سگهندا. هنن مطالبو ڪيو ته چونڊ عمل ۾ ملوث مبينا بي ضابطگين جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ فارم 47 ذريعي آيل حڪومت ختم ڪري عوام کي سندن اصل حق ڏنو وڃي.آخر ۾ جي ڊي اي ضلع سکر جي قيادت واضح ڪيو ته جيستائين شفاف چونڊون ۽ حقيقي جمهوريت بحال نه ٿيندي، سندن احتجاجي تحريڪ پرامن انداز ۾ جاري رهندي.

فيبروري 8, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو