دادو ٽائون پ ٽ الف چونڊن ۾ الشهباز پينل جي تاريخي ڪاميابي، 432 ووٽ حاصل
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو ٽائون ۾ پ ٽ الف جي چونڊن دوران الشھباز پينل شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 432 ووٽ حاصل ڪري وڏي اڪثريت سان تاريخي ڪاميابي ماڻي ورتي
جڏهن ته مخالف پينل “شهيد مخدوم بلاول” 290 ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رهيو. نتيجن جي اعلان کانپوءِ الشھباز پينل جي حمايت ڪندڙن ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي ۽ استادن طرفان مبارڪن جو سلسلو جاري رهيو
ڪامياب ٿيندڙ عهديدارن ۾ صدر عمران علي سومرو، نائب صدر الهبچايو ميمڻ، جنرل سيڪريٽري محمد وسيم کوکر، جڏهن ته ٻين اڳواڻن ۾ ذڪريا جمالي، دين محمد ٻٻر ۽ شڪيل هنڱورو شامل آهن، جن پنهنجي پينل جي ڪاميابي کي استادن جي اعتماد جو نتيجو قرار ڏنو، خوشي ۾ ريلي دادو پريس ڪلب پھتي
ان موقعي تي الشھباز پينل جي سرپرست اعليٰ عنايت علي جمالي ۽ امتياز علي لنڊ دادو ٽائون جي سمورن استادن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪندي چيو ته “هي ڪاميابي استادن جي اتحاد ۽ ڀرپور ساٿ جو ثمر آهي، اسان استادن جي حقن جي تحفظ، بهتري ۽ فلاح لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين.”
هنن وڌيڪ چيو ته الشھباز پينل سدائين استادن جي مسئلن جي حل، تعليمي معيار جي بهتري ۽ تنظيم جي مضبوطي لاءِ عملي قدم کڻندو.
استادن جي وڏي انگ پاران الشھباز پينل تي اعتماد جو اظهار تنظيم لاءِ نئين توانائي ۽ ذميواري جو احساس آهي، دادو ٽائون ۾ ٿيل هن چونڊ کي تعليمي حلقن ۾ اهم موڙ قرار ڏنو پيو وڃي، جتي استادن پنهنجي ووٽ جي طاقت سان واضح پيغام ڏنو آهي ته هو گڏيل قيادت تي ڀرپور اعتماد رکن ٿا،
فيبروري 8, 2026