ٺٽو پوليس جي وڏي ڪاميابي، بلائنڊ مرڊر سميت سنگين ڏوهن جا ڪيس ٽريس
ٺٽو (نظير احمد قريشي) ٺٽو پوليس هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي بلائنڊ مرڊر سميت سنگين ڏوهن جا ڪيترائي ڪيس ٽريس ڪري ورتا آهن۔ پوليس قتل، بائڪ سنيچنگ، روڊ رابري ۽ چوري جي وارداتن ۾ ملوث خطرناڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري علائقي ۾ امن امان بحال ڪرڻ طرف اهم قدم کنيو آهي۔
ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي حڪمن ۽ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي سخت هدايتن تي پوليس ٽيمون متحرڪ رهيون۔ نيول هائوسنگ ڪالوني دهابيجي ۾ ٿيل قتل واري واقعي ۾ ملوث ٻه مرڪزي جوابدار گرفتار ڪري ورتا ويا، جن وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل ڪار، موٽر سائيڪل ۽ پسٽل پڻ برآمد ڪيا ويا آهن۔
ان سان گڏ دهابيجي ۽ گھارو جي حدن ۾ بائڪ سنيچنگ ۽ چوري ۾ ملوث گينگ خلاف ڪامياب ڪارروائين دوران وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جن وٽان ڪيترائي مسروقہ موٽر سائيڪلون، جنريٽر، هٿيار ۽ وارداتن ۾ استعمال ٿيل گاڏيون هٿ ڪيون ويون آهن۔
گرفتار جوابدارن ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ڇيني ويل موٽر سائيڪلون واپس ملڻ تي شهرين پوليس سان ڀرپور سهڪار ۽ شڪرگذاري جو اظهار ڪيو آهي۔ ايس ايس پي ٺٽو ڪامياب ۽ بهادر ڪارروائين تي پوليس پارٽي کي شاباش ڏيندي تعريفي اسناد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ڏوهارين خلاف ڪارروائين جو سلسلو جاري رکڻ جو به عزم ورجايو آهي۔
فيبروري 7, 2026