ٺٽه ۾ “ايڪسپلور هيريٽيج” ڊسٽرڪٽ واڪ، تاريخي ورثي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ
ٺٽه (نظير احمد قريشي) ايڪسپلور هيريٽيج ٺٽه طرفان ڊسٽرڪٽ هيريٽيج واڪ جو شاندار اهتمام
ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن ٺٽه طرفان تاريخي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ “ايڪسپلور هيريٽيج آف ٺٽه” جي عنوان سان ڊسٽرڪٽ هيريٽيج واڪ جو اهتمام ڪيو ويو. هن تقريب ۾ ڊائريڪٽوريٽ جنرل اينٽي ڪيوٽيز اينڊ آرڪيالاجي، ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ جي سهڪار سان ٺٽه جي تاريخي ماڳن ۽ ثقافتي ورثي کي ملهائڻ جي سيليبريشن ڪئي وئي.
هيريٽيج واڪ دوران شرڪت ڪندڙ غير ملڪي سياحن سميت ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙن کي ٺٽه جي قديم عمارتن، تاريخي ماڳن ۽ ثقافتي اهميت بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي. تقريب جو مقصد نوجوان نسل سميت عام ماڻهن ۾ پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت سان وابستگي وڌائڻ هو.
تقريب ۾ ڊي سي ٺٽه سرمد علي ڀاڳت،ايس ايس ايس پي ٺٽه ۽ ضلعي انتظاميا جي عملدارن، ثقافت کاتي جي نمائندن، شهرين، شاگردن ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
شرڪت ڪندڙن اهڙي قدم کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون سرگرميون نه صرف سياحت کي هٿي ڏين ٿيون پر تاريخي ورثي جي حفاظت لاءِ به اهم آهن.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽه سرمد علي ڀاڳت چيو ته مستقبل ۾ به اهڙيون هيريٽيج سرگرميون جاري رکيون وينديون ته جيئن ٺٽه جي عظيم تاريخ ۽ ثقافت کي قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي متعارف ڪرائي سگهجي.
فيبروري 7, 2026