پاڪستان ريلوي جي بُڪنگ آفيسن بابت اهم خبر
لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي جون سموريون ريزرويشن آفيس جديد رابطي واري سافٽ ويئر تي منتقل ڪرڻ جو فيصلوڪيو ويو آهي.
پاڪستان ريلوي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ملڪ جون سموريون ريزرويشن آفيس جديد ترين رابطي واري سافٽ ويئر تي منتقل ڪيون وينديون، ڊجيٽلائيزيشن جي دور ۾ آفيسن کي جديد نظام تي منتقل ڪرڻ اڻٽر ٿي ويو آهي.
ملڪ ۾ پراڪس (PRACS) جا 15 ريزرويشن آفيسز ڪمپيوٽرائيزڊ ٽڪيٽنگ سهولت سان ليس ڪيا ويندا.
پڌرائي ۾ڄاڻايو ويو آهي ته رابطي واري سافٽ ويئر سان ٽڪيٽنگ نظام وڌيڪ تيز ۽ شفاف بڻجي ويندو، جڏهن ته نئين سافٽ ويئر ذريعي پاڪستان ريلوي کي بڪنگ بابت سڌي ۽ فوري ڄاڻ حاصل ٿيندي.
رابطي واري سافٽ ويئر جي ذريعي غير بڪ ٿيل سيٽن جو اثرائتو استعمال ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن ته جديد سافٽ ويئر سان مسافرن کي بهتر ۽ ترت ٽڪيٽنگ جون سهولتون فراهم ٿينديون.
