نوابشاهه ۾ متاثر شهري جي پريس ڪانفرنس، پوليس وڏي منشي خلاف سنگين الزام
نواب شاه ( رپورٽ عبدالفتاح رند) بڇيري جي رهواسي محمد ايوب زرداري نوابشاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بالو جا قبا ٿاڻي جي وڏي منشي خلاف دانھيندي چيو ته گذريل ڏينهن هو پنهنجي ڳوٺ کان نوابشاهه اچي رهيو هو ته ڪچي چودڳي وٽ هٿياربند ڦورن کيس موٽر سائيڪل، 80 هزار روپيا ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس رڙين تي علائقي واسي ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو
جنهن بعد پوليس پهچي پيڇو ڪري ڦورن کي سوگهو ڪيو.هن چيوته پوليس موٽر سائيڪل ته واپس ڪئي، پر رقم ۽ موبائيل فون واپس نه ڪيا هن چيو ته ٿاڻي جي وڏي منشي دليپ ڪمار رقم ۽ موبائيل فون ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته جوابدارن سان پاڻ فيصلو ٺاھ ڪيو متاثر شخص ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙ وڏي منشي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڦريل رقم ۽ موبائيل فون واپس ڏياريا وڃن
فيبروري 6, 2026