دادو ۾ دعوت اسلامي جي تقريب، 18 حافظن ۽ 105 ناظره شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دعوت اسلامي ضلع دادو پاران مدرسه المدينه مان فارغ التحصيل ٿيندڙ طالب علم ڪرام ۾ سرٽيفڪيٽ ورھائڻ جي تقريب ٿي گذري
جتي 18 حافظن ۽ 105 ناظره مڪمل ڪندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورھايا ويا، تقريب ۾ صوبائي نگران معاون مبلغ دعوت اسلامي حاجي عرفات رضا عطاري چيو ته جن ٻارن ڪلام پاڪ حفظ يا ناظره مڪمل ڪيو آھي اھي پاڻ ۽ انھن جا والدين خوش نصيب آھن، ڪلام پاڪ ھدايت جو ڏيئو آھي
ڪلام پاڪ سڌي واٽ آھي، نور آھي اسان ڪلام پاڪ جي حڪمن تي عمل ڪري دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگھون ٿا، جڏھن ته سند ورھائڻ جي تقريب ۾ ٻارن جي سرپرستن، تاجرن، ڊاڪٽرن، وڪيلن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن شرڪت ڪئي
جڏھن ته دعوت اسلامي جي ڊويزن نگران، ضلع نگران تعلقہ نگران سٽي نگران سميت ٻين شعبن جي زميدارن پڻ شرڪت ڪئي،
سند ورھائڻ واري تقريب ۾ صوبائي نگران جي معاون خصوصي حاجي عرفات رضا عطاري پڙھائي مڪمل ڪندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورھايا ۽ انھن کي اڳتي تعليم کي جاري رکندي عالم ڪورس ڪرڻ لاءِ درس نظامي ۾ داخلا وٺڻ جو ذھن پڻ ڏنو جڏھن ته انھن پڙھائي مڪمل ڪندڙ شاگردن جي استادن جي پڻ حوصلا افزائي ڪئي،
فيبروري 6, 2026