اٽڪل ٻن ڏهاڪن بعد” ڀاگم ڀاگ ٽو“ ٺاهڻ جون تياريون، گووندا کي نيڪالي، ڪهڙي اداڪار کي شامل ڪيو ويو؟
ممبئي (ويب ڊيسڪ) 18 سال کانپوءِ بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر مزاحيه فلم” ڀاگم ڀاگ“جي سيڪوئل مان گووندا کي نيڪالي ڏني وئي آهي ۽ سندس جاءِ تي منوج باجپائي اهم ڪردار ۾ نظر ايندو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب،فلم” ڀاگم ڀاگ“ اڪشي ڪمار، گووندا ۽ پاريش راول جي وچ ۾ شاندار ڪيمسٽري هئي، 2006 ۾ رليز ٿي هئي ۽ ڪاميابي جا ڪيئي رڪارڊ قائم ڪيا هئا.
رپورٽن موجب، هاڻي فلم سيڪوئل جي تياري جاري آهي ۽ اڪشي ڪمار ۽ پاريش راول فلم جو حصو هوندا، جڏهن ته گووندا جو ڪردار منوج باجپائي نڀائيندو.
رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ”ڀاگم ڀاگ ٽو“ جي ڪهاڻي ۾ نئون ٽوئسٽ شامل ڪيو ويندو، جنهن ۾ وڌيڪ مزاح ۽ مونجهارا هوندا، فلم جي پروڊڪشن جو شيڊيول ايندڙ مهيني ممبئي ۾ شروع ٿيندو.
ٻئي پاسي فلم جي ڪاسٽ ۾ تبديلي ۽ گووندا کي ڪڍڻ واري فيصلي تي سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيدڪئي پئي وڃي.
هڪ واهپيدار چيو ته ”جيڪڏهن ڀاگم ڀاگ ٺاهي پئي وڃي ته گووندا کي واپس آڻڻ گهرجي ها.“
هڪ ٻئي صارف لکيو ”منوج باجپائي گووندا جهڙي مزاحيه انداز ۾ اداڪاري نه ڪري سگهندو، گووندا کي واپس آڻڻ لاءِ درخواست ڪرڻ گهربي هئي.“
هڪ واهپيدار چيو ته ” ”گووندا جي غير موجودگي ۾ هيءَ فلم فلاپ ثابت ٿيندي.“
