اسلام آباد ۾ شيعه مسجد تي حملي جي سخت مذمت، سوين شهيد ٿيڻ جي دعويٰ

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) تحريڪ نفاذ فقہ جعفريه پاڪستان جي صوبائي اڳواڻ علامه سيد اصغر علي نقوي البخاري مذهبي معزز شخصيتن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسلام آباد جي علائقي ترلائي ڪلاں ۾ واقع شيعه جامع مسجد ۽ امام بارگاهه قصرِ خديجۃ الڪبرىٰ ۾ نماز جمعه جي اجتماع کي نشانو بڻايو ويو آهي

جنهن جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن هن چيو ته راڄڌاني واري شهر ۾ سيڪيورٽي جي خراب صورتحال مان دهشتگردن فائدو ورتو آهي هن وڌيڪ چيو ته اهڙا واقعا ۽ دهشتگردي اسان کي راهِ حسينيت کان هٽائي نٿي سگهي، اسين قائد ملت جعفريه آغا سيد حامد علي شاهه موسوي جي پرامن پاليسي تي قائم آهيون

۽ وطن خلاف هر سازش کي پنهنجي رت سان ناڪام بڻائينداسين علامه اصغر علي نقوي چيو ته حڪومت فوري طور دهشتگردن کي ڳولي ڪڍي ۽ کين عبرتناڪ سزا ڏئي ازبڪستان جي صدر جي اسلام آباد ۾ موجودگي دوران جيڪڏهن سيڪيورٽي جو اهو حال آهي ته عام حالتن ۾ ملڪ ۽ قوم جو الله ئي حافظ آهي

ڪالعدم تنظيمن ۽ ڪاريون ٻڪريون بڻيل عنصرن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي زخمين لاءِ فوري طور طبي سهولتون مهيا ڪيون وڃن جيڪڏهن شهيدن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويو ته اسان پنهنجو لائحه عمل جوڙينداسين هن قوم کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته اسين نه جلاؤ گهيرا ڪرڻ وارا آهيون ۽ نه ئي باهه ڀڙڪائڻ وارا، بلڪه اسين باهه وسائڻ وارا ۽ پنهنجي جانين جو نذرانہ ڏئي وطن جي حفاظت ڪرڻ وارا آهيون

مرڪز ملت تشيع علي مسجد راولپنڊي مان اسان جي قيادت پنهنجو لائحه عمل اعلان ڪندي ۽ اسين سندن حڪمن تي لبيڪ چوندي هر قسم جي پرامن احتجاج جو حق محفوظ رکون ٿا

فيبروري 6, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو