ڊپٽي ڪمشنر سارا جاويد ۽ ايس ايس پي عابد بلوچ جي اڳواڻي ۾ ڪشمير يڪجهتي ريلي، عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي

Spread the love

سانگهڙ(رپورٽ:شاھنواز رونجھو) سموري پاڪستان وانگر سانگھڙ ضلعي ۾ پڻ يڪجهتي ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سارا جاويد ۽ ايس ايس پي عابد بلوچ جي اڳواڻي ۾ ميونسپل آفيس کان پريس ڪلب سانگھڙ تائين يڪجهتي ريلي جو اهتمام ڪيو ويو.

ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ سارا جاويد چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت جي جدوجهد اسان جي دلين ۾ زنده آهي.

هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي قربانين کي ڪڏهن به وساريو نه ويندو، ايس ايس پي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڀارت طرفان قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جون مسلسل ڀڃڪڙيون عالمي برادري لاءِ فڪر جو لمحو آهن.

مظاهرين زور ڏنو ته گڏيل قومن جو ادارو پنهنجي قراردادن مطابق ڪشميري عوام کي حقِ خوداراديت جو حق ڏيهارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ريلي ۾ سرڪاري آفيسرن، استادن، شاگردن، سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيا هئا، جن تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جا نعرا لکيل هئا. ريلي دوران “ڪشمير بڻبو پاڪستان” ۽ “ڪشميرين تي ظلم نامنظور” جا فلڪ شگاف نعرا هنيا ويا.
آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڪشميري عوام کي جلد آزادي نصيب فرمائي ۽ علائقي ۾ امن قائم ٿئي.

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سانگھڙ شفيق احمد آريسر، سول سرجن ڊاڪٽر آفتاب اعظم سريوال، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي سانگھڙ راشد اسلام، ڊي ايس پي غلام سرور سولنگي ۽ زاهد ناصر، حاجي يامين عرف حاجي لالو، صابر حسين مهر پڻ موجود هئا. ان کان علاوه سڀني تعلقه هيڊڪوارٽرن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن جي نگراني هيٺ يڪجهتي ريليون پڻ منعقد ڪيون ويون.

فيبروري 5, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو