ڀارت وٽ ڪشميرين کي پنهنجا حق ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو: وزيراعظم
مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ ڀارت کي اهڙي شڪست ڏني جو ان جا نسل به نه وساري سگهندا، ڀارت جنهن لهجي ۾ ڳالهائيندو ان ۾ ئي جواب ڏينداسين.
ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏينهن تي آزاد ڄمون ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي خاص اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ گڏيا آهيون، قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي ساهه واري رڳ قرار ڏنو ۽ ڪشميري روز نعرا هڻندا آهن ته ڪشمير نه ڪڏهن ڀارت جو حصو هو ۽ نه ڪڏهن ٿيندو، ڪشميري دنيا کي هر ڏينهن سچائي جو آئينو ڏيکاري رهيا آهن.
هن چيو ته ڪشميرين جون قربانيون ضايع نه وينديون، تاريخ شاهد آهي ته ڪشميري پنهنجي ٻارن کي قربان ڪري سگهن ٿا پر آزادي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
سندس چوڻ هو ته معرڪه حق ۾ اسان ڀارتي غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڀارت پراڪسيز ذريعي دهشتگردي تيز ڪري رهيو آهي، سفارتي محاذ تي به ڀارتي بيانيو دفن ٿي ويو آهي، ڀارت وٽ ان کانسواءِ ڪو رستو ناهي ته هو ڪشميرين کي پنهنجا حق ڏئي.
وزيراعظم چيو ته معرڪه حق ۾ پاڪستان جي فتح اصل ۾ ڪشميرين جي به فتح آهي، معرڪه حق سان ڪشمير ڪاز سڄي دنيا ۾ ڀرپور طاقت سان جيئرو ٿيو.
هن چيو ته اسان کي اتحاد ۽ اتفاق سان دشمن جا عزم ناڪام بڻائڻا آهن، ڀارت جون جارحاڻيون ۽ ناپاڪ سازشون ختم ٿيڻ تائين خطي ۾ امن ممڪن ناهي، اسان امن چاهيون ٿا پر امن برابري ۽ انصاف جي بنياد تي قائم ٿي سگهي ٿو.
