ٺٽي ۾ يومِ يڪجهتي ڪشمير، مڪلي ڪيمپس ۾ شاندار تقريب منعقد

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول مخدوم ابو الحسن ٺٽوي ڪيمپس مڪلي ۾ يومِ يڪجهتي ڪشمير انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو .

تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وليد ڊاوچ مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي . تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري نور سرائي ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي، انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن احمد ، هيڊ ماستر نظام الدين کڏائي سميت سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جا استاد ، شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

تقريب کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وليد ڊاوچ ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر حضور بخش خاصخيلي ، نور سرائي ۽ ٻين مقررين چيو ته ڪشميري عوام ڪيترن ڏهاڪن کان ڀارتي ظلم ۽ جبر کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ اڄ جو ڏينهن انهن کي اهو يقين ڏيارڻ لاءِ ملهايو پيو وڃي ته پاڪستاني قوم ڪشميري ڀائرن سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺل آهي .

هنن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن مطابق ڪشميرين کي حقِ خود اراديت ملڻ گهرجي ۽ عالمي برادري کي مقبوضه ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي – مقررين چيو ته يومِ يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو مقصد نئين نسل کي ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد کان آگاهه ڪرڻ ۽ انهن سان ڀرپور اخلاقي ۽ سفارتي سهڪار جو اظهار ڪرڻ آهي .

هنن شاگردن تي زور ڏنو ته هو تعليم ذريعي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن ۽ مظلوم ڪشميري عوام جي آواز بڻجن – تقريب دوران شاگردن پاران ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملي نغما ۽ خوبصورت ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، جن کي شرڪت ڪندڙن تمام گهڻو ساراهيو.

ٽيبلوز ۾ مقبوضه ڪشمير ۾ جاري ظلمن ۽ ڪشميري عوام جي جدوجهد کي اثرائتي نموني سان اجاگر ڪيو ويو . تقريب جي پڄاڻيءَ تي ملڪ جي سلامتي ، ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڪشميري عوام جي آزادي لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون ۽ حب الوطني جا زردار نعرا پڻ هنيا ويا۔

فيبروري 5, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو