عمرڪوٽ ۾ وزڊم ماڊل پبلڪ اسڪول ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏينهن ملهايو ويو
عمرڪوٽ(رپورٽ جمال الدين خاصخيلي) نبي سرروڊ م سياسي سماجي صحافتي شخصيت ايڊوڪيٽ سريش ڪمار ساڌواڻي جي زير نگراني قائم فري ڪوالٽي ايجوڪيشن فراھم ڪندڙ فائونڊيشن اسسٽيڊ وزڊم ماڊل پبلڪ اسڪول ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏينھن ملھايو ويو
جنھن م اسڪول جي ٻارن ٽيبلو پيش ڪري ڪشمير سان ٿيندڙ ظلم کي اجاگر ڪيو ء يڪجهتي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.
ٻارن جي ھٿن م ڪشمير يڪجهتي بابت مختلف سلوگن وار پلي ڪارڊ پڻ کنيل ھئا. ان موقعي تي اسڪول جي ٻارن اقوام متحده کي اپيل ڪندي چيو ته مظلوم ڪشميري عوام سان انصاف ڪيو وڃي.
فيبروري 5, 2026