دادو ۾ يومِ يڪجهتي ڪشمير، ضلعي انتظاميا سميت سياسي ڌرين جون ريليون

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو وڃي ٿو، جيڪي گذريل ڏهاڪن کان ڀارتي ظلمن، جبر، قتلِ عام، جبري گمشدگين ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي منهن ڏئي رهيا آهن

دادو ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ ڊي سي دادو مرتضي علي شاهه، ايس ايس پي ڪئپٽن (ر) امير سعود مگسي، استاد بخاري ڪاليج پروفيسر محمد عرفان ڪلهوڙو، جماعت اسلامي محمد موسيٰ ٻٻر، ضمير چانڊيو، تحريڪ لبيڪ پاڪستان دادو، دفائي پاڪستان ونگ ساجد سولنگي، محرم شينو، پ پ اڳواڻ قمبر علي لغاري، واپاري اڳواڻ گل حسن پنهور، رئوف مستوئي، ماما ممتاز چنا ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ
ريليون ڪڍيون ويون، اڳواڻن چيو تہ ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حل ٿيڻ گهرجي، ۽ ڪشميري عوام کي سندن حقِ خوداراديت کان محروم رکڻ ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو

اسان عالمي ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون تہ عملي قدم کڻي ڀارت کي ڪشمير ۾ جاري ظلمن کان روڪين، صبح کان شام تائين ريليون ڪڍيون ويون ڪشميرين عورتن ٻارڙن نوجوانن جو قتل عام بند ڪرڻ ۽ پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هنيا ويا،

فيبروري 5, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو