ڀارت خلاف ورلڊ ڪپ ميچ جو بائيڪاٽ پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ خطري جي گهنٽي؟ وڏي خبر اچي وئي
ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان طرفان آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ ڀارت خلاف ميچ جي بائيڪاٽ واري اعلان کانپوءِ صورتحال ڏاڍي دلچسپ ٿي وئي آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 15 فيبروري تي جيڪڏهن پاڪستان واقعي ڀارت سان ميچ نٿو کيڏي ته ان جا قانوني ۽ ٽيڪنيڪل نتيجا ڇا نڪرندا؟ ان حوالي سان مشهور ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ”ڪرڪ انفو“ تفصيلي جائزو ورتو آهي.
ڪرڪ انفو رپورٽ موجب، آءِ سي سي جي ڪنهن به ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ ميمبر ملڪن کي شرڪت واري معاهدي جي لازمي طور پاسداري ڪرڻي پوندي آهي، ان معاهدي موجب هر ميمبر ملڪ، جيڪڏهن هو ڪواليفاءِ ڪري ٿو ته نه رڳو آءِ سي سي ايونٽ ۾ شرڪت ڪرڻ جو پابند آهي پر ان کي هر ميچ به لازمي طور کيڏڻي پوندي، جيڪڏهن پاڪستان ميچ نٿو کيڏي آءِ سي سي ان کي معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي سگهي ٿو.
هاڻي پاڪستان وٽ هڪ آپشن اهو آهي ته هو معاهدي ۾ شامل” Force Majeure“ شق جو سهارو وٺي، هي شق واضع ڪري ٿو ته ڪو به ميمبر ملڪ رڳو ان صورت ميچ کان انڪار ڪري سگهي ٿو جڏهن قدرتي آفت، جنگ، دهشتگردي جي صورتحال يا حڪومت جو سڌو حڪم موجود هجي، اهڙي صورت ۾ پي سي بي اهو موقف اختيار ڪري سگهي ٿي ته ان کي حڪومت طرفان ڀارت خلاف ميچ جي اجازت ناهي ملي، پر هتي هڪ وڏو مسئلو به موجود آهي.
رپورٽ ۾ڄاڻايو ويو آهي ته پي سي بي جو چيئرمين پاڻ وفاقي گهرو وزير پڻ آهي، عالمي سطح تي اصول اهو آهي ته راندين جا ادارا خودمختيار ۽ حڪومتي اثر کان آجا هئڻ گهرجن، پر ننڍي کنڊ ۾ صورتحال ان جي ابتڙ نظر اچي ٿي، پاڪستان جيڪڏهن” Force Majeure“ وارو آپشن استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ته آءِ سي سي کي باضابطا طور ٻڌائڻو پوندو ته هو ڪهڙي سبب، ڪهڙي حد تائين ۽ ڇو حڪومتي حڪمن جو پابند آهي ۽ اِها هن وقت تائين واضح ناهي ٿي سگهي.
جيڪڏهن آءِ سي سي پاڪستان جا دليل قبول نه ٿو ڪري ۽ بائيڪاٽ کي معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ٿوته ان جا نتيجا نهايت سنگين ٿي سگهن ٿا.
رپورٽ موجب، پهريان ته پاڪستان کي ميچ پوائنٽس تان هٿ ڌوئڻو پوندو ۽ باقي هڙئي ميچون لازمي طور کٽڻيون پونديون، ٻيو ته پاڪستان کي سخت مالي پابندين جو به منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو، براڊڪاسٽرز پنهنجي نقصان جي دعويٰ ڪري سگهن ٿا، آءِ سي سي پاڪستان جو ساليانو مالي شيئر روڪي سگهي ٿو ۽ انتهائي صورتحال ۾ آءِ سي سي پاڪستان کي معطل ڪرڻ جهڙو سخت قدم به کڻي سگهي ٿو.
اڃا تائين اهو به واضع ناهي ته جيڪڏهن ٻئي ٽيمون ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ آمهون سامهون ٿيون ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ اهو به سوال آهي ته ڇا مستقبل ۾ پاڪ-ڀارت ميچون ٿينديون يا نه؟
اِي ايس پي اين جي رپورٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪرڪيٽ جهڙي عالمي راند کي جنهن نموني سياست جي ور چاڙهيو ويو آهي، اهو ڪرڪيٽ جي تاريخ تي هڪ چُٽو آهي.
آءِ سي سي جو چيئرمين جئه شاهه( هو ڀارتي گهرو وزير امت شاهه جو پٽ آهي، جيڪو وزيراعظم نريندر مودي جي بنهه ويجهو آهي) هاڻي وڏي امتحان مان گذرڻ وارو آهي، ڏسڻو اهو آهي ته هو ڪرڪيٽ جي اصل روح کي بچائي سگهي ٿو يا هي معاملو تاريخ ۾ هڪ خراب مثال طور لکيو ويندو، پر ان لاءِ اسان کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي باظابطا موقف جوبه انتظار ڪرڻو پوندو.
