مون لاءِ پيءُ جو نالو يا ذات اهميت نٿي رکي: تبو جو وڏو انڪشاف

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا تبو پنهنجي ذاتي زندگي بابت اهم انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته هن پنهنجي پيءُ جي نالي يا ذات جو استعمال ڇو نه ڪيو.
هڪ انٽرويو ۾ گفتگو ڪندي تبو چيو ته والدين جي عليحدگي وقت منهنجي عمر رڳو 3 سال هئي، جنهن کانپوءِ مون کي ماءُ ۽ ناني حيدرآباد ۾ پاليو، مون کي پنهنجي پيءُ سان گڏ گذاريل وقت ياد ئي ناهي، تنهن ڪري ان جو نالو يا ذات اهميت نٿو رکي.
هن ٻڌايو ته اسڪول ۾ به منهنجو نالو رڳو تبو يا فاطمه طور داخل هو ۽ مان ڪڏهن محسوس نه ڪيو ته پيءَ جو نالو يا ذات استعمال ڪرڻ ضروري آهي، اهو منهنجي زندگي جو هڪ فطري فيصلو هو.
سندس چوڻ هو ته مضبوط عورتن جي ماحول ۾ پرورش سبب مان خود مختيار سوچ رکندڙ ۽ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي عادي آهيان.

فيبروري 1, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو