ڪيٽي بندر لڳ ٻيڙي ٻڏڻ جو واقعو، انتظاميا جي بي حسي تي وارثن جو سخت احتجاج
ٺٽو (نظير احمد قريشي) ٺٽي جي ساحلي علائقي ڪيٽي بندر ڀرسان سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ جو المناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ ڇهه ماڻهن کي بچايو ويو،
جڏهن ته ٻه نوجوان ٻڏي ويا. حادثي بعد هڪ نوجوان جو لاش هٿ اچي ويو آهي، جڏهن ته ٻئي نوجوان جي ڳولا اڃا تائين جاري آهي. ٻڏي ويل نوجوانن مان هڪ جي سڃاڻپ وحيد بخش گبول طور ڪئي وئي آهي.تفصيل موجب واقعو رات لڳ ڀڳ 3 وڳي پيش آيو،
پر افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ايترا ڪلاڪ گذرڻ باوجود فشريز کاتي يا ضلعي انتظاميا جو ڪو به ذميوار عملدار واقعي واري هنڌ تي نه پهتو. متاثر نوجوانن جا وارث رات کان پنهنجي مدد پاڻ سمنڊ ۾ لاشن جي ڳولا ۾ مصروف آهن، جنهن تي انتظاميا جي نااهلي ۽ بي حسي واضح ٿي رهي آهي.ٻڏي ويل نوجوان وحيد بخش گبول جي وارثن فشريز کاتي ۽ ضلعي انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان رات کان وٺي پنهنجي وس آهر لاشن جي ڳولا ڪري رهيا آهيون، هڪ نوجوان جو لاش هٿ اچي ويو آهي، پر اڃا تائين هڪ نوجوان جو لاش سمنڊ ۾ گم آهي.
وارثن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بروقت ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو وڃي ها ته شايد وڌيڪ جاني نقصان کان بچي سگهجي ها.احتجاج ڪندڙن چيو ته ساحلي علائقن ۾ مڇي ماريندڙن ۽ مسافرن جي حفاظت لاءِ نه ڪو مناسب ريسڪيو سسٽم موجود آهي ۽ نه ئي ايمرجنسي حالتن ۾ سرڪاري ادارا فوري طور تي پهچن ٿا.
ڪيٽي بندر جهڙن حساس سامونڊي علائقن ۾ فشريز کاتي ۽ ضلعي انتظاميا جي ذميواري وڌيڪ هئڻ گهرجي، پر هر ڀيري حادثي بعد رڳو بيان بازي ڪئي وڃي ٿي، عملي قدم نظر نٿا اچن.ٻڏي ويلن جي وارثن ضلعي انتظاميا کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور ريسڪيو ٽيمون، ٻيڙيون ۽ غوطا خور موڪلي سمنڊ ۾ گم ٿيل نوجوان جو لاش ڳولهڻ ۾ مدد ڪئي وڃي،
جڏهن ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ ساحلي علائقن ۾ مستقل ريسڪيو ۽ حفاظتي انتظام ڪيا وڃن.واقعي بعد علائقي ۾ ڏک ۽ غم جي فضا ڇانيل آهي، جڏهن ته عوامي ۽ سماجي حلقن پڻ انتظاميا جي بي حسي تي سخت سوال اٿاريا آهن ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
جنوري 14, 2026