عوام ۽ استادن جي ڪوششن جي باوجود تعليمي شعبو اڃا به ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي :يوسف رضا گيلاني
اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني تعليمي سفارتڪاري کي عالمي رابطن جو هڪ پائيدار ۽ موثر ذريعو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي تعليمي شعبي ۾ موجود مسئلن جي حل ۽ نوجوانن کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ پائيدار تعليمي حصيداري لازمي آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽي آف لنڊن جي وفد ۽ ان جي اڳوڻي شاگردن جي اعزاز ۾ منعقد آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. وقتي صدر چيو ته وفد جي موجودگي پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ علم، امنگ ۽ حصيداري جي هڪ مضبوط پُل جي علامت آهي. هن يونيورسٽي آف لنڊن جي عالمي مقام ۽ اٽڪل ٻن صدين تي ٻڌل مختلف شعبن ۾ انساني ترقي جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.
وقتي صدر چيو ته پاڪستان جون ڪيتريون ئي ناليواريون شخصيتون يونيورسٽي آف لنڊن مان پڙهي نڪتيون آهن جن عوامي خدمت، قانون، طب، تدريس، واپار ۽ سفارتڪاري جهڙن شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اهو گڏيل تعليمي ورثو ٻطرفي تعليمي تعاون جو بنياد فراهم ڪري ٿو ۽ لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ هڪ مضبوط اساس آهي.
هن چيو ته يونيورسٽي جي عالمي پروگرامن ۽ مڃيل تدريسي مرڪزن هزارين پاڪستاني شاگردن کي ملڪ ڇڏڻ کانسواءِ عالمي معيار جي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو،
ان سان تعليم کي عام ڪرڻ ۾ مدد ملي ۽ پاڪستاني نوجوان پنهنجي ملڪ ۾ رهندي عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻيا. وقتي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ هن وقت تعليمي ترقي جي هڪ اهم موڙ تي بيٺل آهي، عوام ۽ استادن جي ڪوششن جي باوجود تعليمي شعبو اڃا به ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي جن ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو وڏو انگ، صنفي فرق ۽ علائقائي اڻبرابري شامل آهن
جنوري 14, 2026