سکر ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ، اي سيڪشن جي حد مان ٻه موٽرسائيڪلون ڦر

Spread the love

سکر (رپورٽ محسن علي ڀٽي) سکر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن ۾ خوفناڪ واڌ ٿي رهي آهي، جتي پوليس اسٽيشن اي سيڪشن جي حد ۾ ٻن مختلف هنڌن تي اڻڄاتل هٿياربند ماڻهن شهرين کان موٽرسائيڪلون ڦريون ۽ آساني سان فرار ٿي ويا. تفصيل موجب، پهريون واقعو سکر جي سوسائٽي علائقي ۾ پيش آيو،

جتي چار اڻڄاتل هٿياربند ماڻهن پوليس اسٽيشن اي سيڪشن جي حد ۾ واقع گلوب چوڪ لب مهراڻ جي ويجهو سوسائٽي جي رهواسي حماد حسين ٽانوري کان بندوق جي زور تي سي ڊي 70 موٽرسائيڪل، رجسٽريشن نمبر SNJ-3861، ڦري ورتي ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا. ٻئي واقعي ۾، سکر جي نيو پنڊ علائقي جو رهواسي هڪ غريب مزدور الله ڊنو انصاري کي نشانو بڻايو ويو،

جيڪو هڪ لو بسڪٽ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو آهي. اهو واقعو پوليس اسٽيشن اي سيڪشن جي حد ۾ نوان ڳوٺ ۾ پيش آيو، جتي ٻن اڻڄاتل هٿياربندن بندوق جي زور تي سندس سي ڊي 70 موٽرسائيڪل، رجسٽريشن نمبر SNM-0054، ڦري فرار ٿي ويا. ٻنهي واقعن جي اطلاع ملندي ئي پوليس اسٽيشن اي سيڪشن شروعاتي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. پوليس موجب متاثرين جي شڪايت تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،

جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد ورتي پئي وڃي. سکر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي وڌندڙ واقعن تي شهرين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ اعليٰ پوليس اختيارين کان ڏوهاري عنصرن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ، گشت وڌائڻ ۽ شهرين، خاص طور تي مزدور طبقي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جنوري 14, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو