سکر پريس ڪلب آڏو سنڌ جي ملازمن ۽ پينشنرز جو احتجاجي مظاهرو
سکر (رپورٽ محسن علي ڀٽي) سنڌ جي ملازمن ۽ پينشنرز جي ڊگهي عرصي کان هلندڙ مسئلن ۽ جائز مطالبن جي حق ۾ سکر پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ حاجي غلام حيدر ڀگت، عبدالله، محمد جمن چنا، منير احمد ابڙو، ديدار حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ سنڌ حڪومت کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.
مظاهرين موجب، سنڌ ۾ ملازم ۽ پينشنرز سخت معاشي دٻاءُ ۾ آهن، جڏهن ته مهانگائي ۾ وڏي واڌ جي باوجود، سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي.
مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي بيٺا هئا جن تي مطالبا لکيل هئا. احتجاجي بينر جي متن موجب، مظاهرين مطالبو ڪيو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري سنڌ جي ملازمن ۽ پينشنرز جي مسئلن تي فوري طور تي ڌيان ڏين. بينر ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت 2022 کان وٺي پينشن ۽ پگهارن ۾ مناسب واڌ نه ڪئي آهي، جڏهن ته گروپ انشورنس، بينويلنٽ فنڊ ۽ ٻين واجبات جي ادائيگي به التوا ۾ آهي.
بينر ۾ درج مطالبن ۾ شامل آهي ته هيلٿ ڪارڊ جي سهولت فوري طور تي بحال ڪئي وڃي. سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز کي مڪمل سيڪيورٽي ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
2022 ۽ ان کان پوءِ جي بقايا ۽ رٽائرمينٽ جي فائدن کي جلد کان جلد ادا ڪيو وڃي. گروپ انشورنس، بينويلنٽ فنڊ ۽ ٻين قانوني ذميوارين جي بروقت ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي.
سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ پگهارن ۽ پينشن ۾ مهانگائي جي تناسب سان واڌ ڪئي وڃي. مظاهرين چيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. آخر ۾، انهن سنڌ جي وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ملازمن ۽ پينشنرز جي مشڪلاتن کي محسوس ڪندي فوري ۽ عملي قدم کنيا وڃن، ته جيئن سنڌ جي مزدور طبقي کي رليف ملي سگهي.
جنوري 14, 2026