پي ٽي آءِ ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون رڳو اخباري بيانن تائين محدود آهن:خواجا آصف

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ دوران ڀارت چين سان به رابطو ڪيو هو، ڀارت ٻيهر جارحيت ڪئي ته ساڳيو ئي جواب ڏنو ويندو. مودي جي هاڻي ڪٿي عزت ناهي رهي. هن چيو ته جهاز ٽيسٽ ٿي ويا، آرڊر ملي رهيا آهن،

ٿي سگهي ٿو 6 مهينن کانپوءِ آءِ ايم ايف جي ضرورت نه پوي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي ويساهه جوڳا ناهن، ڀارت سان مليل آهن، ڪي پي حڪومت جا ماڻهو ٽي ٽي پي کي ڀتو ڏيندا آهن. هن چيو ته وينزويلا ۾ جيڪو ٿيو اهو سٺو سنوڻ ناهي. اسرائيل آمريڪا کي بيوقوف بڻايو آهي،

ٻئي گڏجي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن. آمريڪا انسانيت جو دوست آهي ته نيتن ياهو کي عدالت وٺي وڃي. مستقبل ۾ ايران تي حملي لاءِ الزامن جو جواز بڻايو پيو وڃي. ٻئي پاسي پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته سندس خيال ۾ ڳالهين بابت ڳالهيون رڳو اخباري بيانن تائين محدود آهن.

سنجيده ڳالهين تي ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي. هن چيو ته جنهن کي اپوزيشن نامزد ڪندي اسان ان کي مڃينداسين، اپوزيشن محمود اچڪزئي کي چونڊي ٿي ته نالو ڏئي.

جنوري 7, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو