سلمان اڪرم راجا جو بيرسٽر گوهر کي پارٽي چيئرمين مڃڻ کان انڪار

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا بيرسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ چيئرمين مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اڊيالا جيل ڀرسان صحافي سلمان اڪرم راجا کان پڇيو ته پارٽي چيئرمين بيرسٽر گوهر کي عملي طور سائيڊ لائن ڪيو ويو آهي، ڇو؟ ۽ نئون چيئرمين ڪير هوندو؟
سلمان اڪرم راجا بيرسٽر گوهر کي پارٽي چيئرمين مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته پارٽي چيئرمين رڳو عمران خان آهي ٻيو ڪو نه، اسان سان جيڪو اليڪشن ڪميشن جو رويو آهي، اهي جبر جا ضابطا آهن.

جنوري 6, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو