ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين لاءِ خوشخبري

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران ۽ عراق ويندڙ زائرين لاءِ سٺي خبر اچي وئي، هلندڙ مهيني پاڪستان مان ايران لاءِ فيري سروس شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
فيري سروس ٽرمينل جي سافٽ لانچنگ 8 جنوري تي پورٽ ۽ شپنگ جو وفاقي وزير ڪندو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن نجي ڪمپني کي فيري سروس لاءِ لائسنس ڏنو ويو آهي.
ان حوالي سان سامونڊي معاملن واري وزير جنيد انور چيو ته ايران، عراق ۽ يمن جي سفيرن سان ڳالهايو ته اهي پنهنجي ملڪن مان فيري سروس هلائيندڙ اسان جي وزارت سان رابطو ڪن.
هن چيو ڪوشش آهي ته پهرين فيري سروس جلد شروع ٿي وڃي.

جنوري 5, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو