ڦلجي اسٽيشن پريميئر ڪرڪيٽ ليگ جاري، علي هيروز ۽ دلبر دلڪش اليون ڪامياب
ڦلجي اسٽيشن (رپورٽ:غلام حيدر پنھور)ڦلجي اسٽيشن شاه عبداللطيف گرائونڊ تي پريميئر ڪرڪيٽ ليگ اڄ چوٿين ڏينهن به جاري چار ٽيمون FC علي ھيروز اليون ، وزير اسٽرائيڪر اليون ،دلبر دلڪش اليون ،فرحان ليجنڊ اليون وچ ۾ مقابله پهرين ميچ ۾ علي ھيروز اليون ۽ وزير اسٽرائيڪر اليون آمهون سامهون ، علي هيروز اليون 20 اوورن ۾ 09 وڪيٽن جي نقصان تي مخالف ٽيم کي 175 رنسن جو وڏو ٽارگيٽ ڏنو جڏهن ته وزير اسٽرائيڪر گھربل ٽارگيٽ پورو ن ڪندي 102 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي علي هيروز 75 رنسن سان ميچ کٽي ورتو، علي ھيروز جي بھترين بيٽنگ ۽ بالنگ پرفامنس ڏيندڙ ايوب پنهور مين آف دي ميچ قرار ڏنو ، ٻ
ئي پاسي دلبر اسٽار اليون ۽ فرحان ليجينڊ اليون آمهون سامهون ٿيون ، جنھن ۾ دلبر اسٽار اليون شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 20 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنسن جو ڊگهو اسڪور ٺاهي مخالف ٽيم لاء ڏچو ڪري ڇڏيو ، مخالف ٽيم فرحان ليجينڊ اليون 06 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسون ٺاھي ڍير ٿي وئي،
14 رنسن تي دلبر دلڪش اليون ڪاميابي ماڻي ورتي بهترين بيٽنگ عيوض رائونڊ جو مين آف دي ميچ ياسر علي راجپوت کي قرار ڏنو ويو ، مهمان خاص قاضي امتياز احمد قريشي ، وفاياسين آرائين ، اسپانسر جاويد علي ميڻو ۽ محمد حسن امتياز قريشي ۽ سيد فرحان شاه، وزير علي آرائين ۽ ٻين شيلڊون ۽ ڪيش انعام ورهايا ،
ان موقعي تي اڳواڻن اڪبر پنهور، علي گل پنھور ، امتياز علي ڏاوڇ ، چيف آرگنائيزر وحيد علي جهتيال ، اسد علي پنھور ‘شفيق احمد ملڪ ، توفيق احمد پنھور ، محمد ڪاشف ملڪ ۽ ٻين چيو ته ڦلجي اسٽيشن ۾ ڪرڪيٽ ميلو متل آھي راندين سان دلچسپي رکندڙ نوجوانن ۾ خوشي جي لهر ڏسڻ ۾ اچي ٿي ، ٽيمن جي شاندار ڪارڪردگي متوجھ ڪندڙ آھي ، علائقي ۾ راندين جي دلچسپي گهٽجڻ حڪومتي بي ڌياني ۽ ڪرپشن جي ڪري آھي
راندين جا ڪرتا ڌرتا عياش وزير ۽ عملدار آھن جيڪي سنڌ جي نوجوانن جو ٽيلنٽ ۽ پاڻ مڃرائڻ جو جذبو ڏسڻ کان قاصر آھن ، نوجوانن پنهنجي مدد پاڻ راندين جا ميدان آباد ڪن ٿا جيڪا ڪرپٽ حڪمرانن جي منهن تي چماٽ آھي ، شاھ عبداللطيف گرائونڊ تي ڪافي ڏينهن کان راندين جو سلسلو جاري آھي
پر ايم پي اي يا ايم اين اي نوجوانن جي ھمت افزائي لاء نه پهتو آھي ، هنن راندين جي وزير سميت ڊي،سي دادو کان گهر ڪندي چيو ته ڦلجي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ هن قسم جي راندين جا مقابلا سرڪاري سطح تي ڪرايا وڃن ،
ڊسمبر 25, 2025