دنيا جي پهرين ريڊيو نشريات جي سالگرهه
تحرير: ياسر قاضي
اڄ 23هين ڊسمبر آهي ۽ سڀاڻي 24هين ڊسمبر. سڀاڻي کان ٺيڪ 119 سال اڳ، هوا جي دوش تان ريڊيو لھرن وسيلي پھريون ڀيرو انساني آواز سان گڏ سازَ جو واڄو گُونجيو هو ۽ هوا جي لھرن آڌار آوازُ موڪلي ريڊيي جي پھرين نشريات عمل ۾ آندي وئي. اهو پھريون ريڊيو پروگرام، 24 ڊسمبر 1906ع تي، ڪرسمس جي رات (Christmas Eve تي) ڪئنيڊا ڄائي ايجادڪار ۽ انجنيئر ــ پروفيسر ’ريجينلڊ اي. فيسنڊن‘ (1866ع ــ 1932ع) ڪيو. هي پروگرام امريڪي رياست ميسيچوسِٽس جي شھرَ ’برانٽ راڪ‘ مان هڪ ’متبادل ڌارا واري نشريات موڪليندڙ اوزارَ‘ (الٽرنيٽر ٽرانسميٽر) ذريعي نشر ڪيو ويو، جنھن رستي لھرن آڌار آواز ڪاميابيءَ سان موڪلڻ لاءِ فيسنڊن جُون سِر ٽوڙ ڪوششون وڏي عرصي کان جاري هيون. اهو ٽرانسميٽر لڳاتار وهڪرو پيدا ڪندو رهي ٿو، جنھن رستي آواز جي نشريات ممڪن ٿي سگِهي. هن نشريات ۾ ڪرسمس جو گيت، وائلن جي سولو (اڪيلي) ڌُن ۽ انجِيل مان هڪ ٽڪرو (اقتباس) شامل ڪيو ويو. اها نشريات سمنڊ ۾ موجود جھاز رانن ۽ ڪجهه زميني اسٽيشنن تي ٻڌي وئي. جنھن روايتي ريڊيو نشريات کان اڄ دنيا مانوس آهي، هيءَ پھرين نشريات ان ريڊيي جي شروعات جي انقلابي علامت بڻي. هن مختصر نشريات جو دؤرانيو لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ يا ان کان ڪجهه وڌيڪ هو.
فيسنڊن، وائلن تي ”او هولي نائيٽ“ نالي مشھور ڌُن نشر ڪئي. جنھن بعد هن بائيبل جي جلد ”لُوڪا“ (2:14) مان هي اقتباس پڙهيو: ”خدا کي سڀ کان مٿانھين عظمت هجي ۽ زمين تي امن هجي، انھن ماڻھن لاءِ، جيڪي نيت جا صاف آهن.“ جنھن بعد هن ’گونوڊ‘ نالي راڳيءَ جي آواز ۾ ”ايڊور اينڊ بي اسٽل“ جي ٻولن تي ٻڌل حضرت عيسيٰ جي شان ۾ ڳايل هڪ قصيدو (Hymn) نشر ڪيو.
ريجينلڊ فيسندن کي پوريءَ دنيا ۾ ”ريڊيو نشريات جو ابو“ چيو ويندو آهي. ريڊيو ٽيڪنالاجيءَ ۾ هن جي انقلابي ڪارنامن جي نتيجي ۾ ’ايمپليٽيوڊ ماڊيُوليشن‘ (اي ايم) AM لھرن وارو ريڊيو وجود ۾ آيو. 24 ڊسمبر 1906ع تي نشر ٿيندڙ مٿي ذڪر ڪيل پھرين ريڊيو پروگرام کان 6 سال اڳ به اهو فيسنڊن ئي هو، جنھن 23 ڊسمبر 1900ع تي پھريون ڀيرو هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين آواز پھچائڻ جو ڪامياب تجربو پڻ ڪيو هو. هن، ريڊيو لھرن وسيلي پھريون ڀيرو انساني آواز هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڏانھن موڪليو. اهو سندس ئي آواز هو. جنھن ۾ هن چيو:
“One, two, three, four.
Is it snowing where you are, Mr. Thiessen?
If so, telegraph back and let me know”
)اسانکي ننڍپڻ کان اهو پڙهايو ويو آهي ته ريڊيي جو موجد مارڪوني آهي، پر گُگليلمو مارڪونيءَ (1874ع ــ 1937ع) کي ريڊيو لھرن جو اڪيلو موجد چوڻ صحيح نه هوندو. ڇاڪاڻ ته مارڪوني پھريون ڪارائتو وائرليس ٽيليگراف ايجاد ڪندڙ هو، جنھن1901ع ۾ پھريون ڀيرو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هُن پار (ٽرانس ائٽلانٽڪ) ريڊيو سگنل ڪاميابيءَ سان موڪليو. جڏهن ته، ريجينلڊ فيسنڊن 1906ع ۾ ريڊيي جي لھرن رستي پنھنجو آواز ۽ سنگيت هڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تائين پھچائڻ جو شاندار ڪارنامو انجام ڏنو. مارڪونيءَ جو ڌيان ’وائرليس ٽيليگرافي‘ (مورَس ڪوڊ) تي هو. جڏھن ته فيسنڊن روايتي ريڊيو براڊڪاسٽنگ (آواز ۽ موسيقيءَ جي نشريات) تي ڪم ڪيو. اهي ٻئي ريڊيو ٽيڪنالاجيءَ جا باني هئا، پر انھن جون خدمتون ڌار ڌار آهن. مطلب ته جيڪو ريڊيو توهان ۽ اسان عام سامع طور ٻڌون ٿا (جنھن ۾ سماچار، سنگيت ۽ ڳالھه ٻولھه نشر ٿئي ٿي) ان جو اصل ايجادڪار ’ريجينلڊ فيسنڊن‘ آهي، جنھن ”ايمپليٽيُوڊ ماڊيُوليشن“ (AM) ريڊيو لھرُون ڳولي لڌيون ۽ ’اي ايم‘ ريڊيو جو پايو وڌو. ان ڪم جي مڃتا ۾ اڄ به ڪجهه ملڪن جون ريڊيو اسٽيشنون فيسنڊن جي وفات واري ڏينھن (22 جولاءِ تي) پنھنجي نشريات کي هڪ منٽ لاءِ بند ڪري، احترام واري خاموشي اختيار ڪندي، کيس ڀيٽا ڏينديون آهن.
ياد رهي ته ”مورَس ڪوڊ“ بنا تار جي نياپي پھچائڻ جو هڪ اهڙو طريقو آهي، جنھن ۾ متن جي اکرن کي ٻن مختلف سگنلن جي دؤرانيَن (جن ۾ ٽٻڪا ۽ خال/’ڊيش‘ شامل هوندا آهن) جي صورت ۾ لکيو ويندو آهي. اهو ڪوڊ ٽيليگراف يا ريڊيي ذريعي رابطي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ان ۾ آواز شامل ناهي هوندو. ’مورَس ڪوڊ‘ ۾ پيغام اکرن، انگن، نشانين، منفرد ٽٻڪن ۽ خالن (ڊيش) جي ميل سان ظاهر ڪيو ويندو آهي.
مثال طور: بحري جھازن ۾ سفر ڪندڙن جي زندگي بچائڻ واري سَڏ (SOS) جي نشاني آهي ”… — …“ (ٽٻڪو ٽٻڪو ٽٻڪو، ڊيش ڊيش ڊيش، ٽٻڪو ٽٻڪو ٽٻڪو)
هي طريقو 1830ع واري ڏهاڪي ۾ ’ساميوئل مورَس‘ ۽ ’ايلفريڊ ويئل‘ پاران ٽيليگرافيءَ لاءِ تيار ڪيو ويو هو. انڪري ان طريقي کي ’مورَس ڪوڊ‘ چيو ويندو آهي.تنھنڪري اهو نه وسارڻ گهرجي ته مارڪونيءَ ريڊيي ذريعي آواز ڪونه موڪليو هو. هن جو ڌيان وائرليس ٽيليگرافيءَ تي هو. مارڪونيءَ 1901ع ۾ برطانيه ۾ لنڊن کان لڳ ڀڳ 144 ڪلوميٽر (90 ميل) پري، ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ”انگلش چئنل“ نالي ڇاڙَ تي واقع ”آئل آف وِٽ“ نالي خوبصورت ٻيٽ جي ’الوم بي‘ ــ ’نِيڊلز بيچ‘ تان ائٽلانٽڪ سمنڊ پار پھريون وائرليس سگنل موڪليو هو. هن برطانيه مان مورَس ڪوڊ جو اهو سگنل، نيو فاؤنڊلينڊ، ڪئنيڊا جي شھر ’سينٽ جانز‘ ۾ موجود هڪ رسِيور ڏانھن ڪاميابيءَ سان موڪليو. جيڪو وائرليس رابطن جي تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ عظيم ميلَ جو پٿر ثابت ٿيو. اهو مفاصلو تقريباً 3700 ڪلوميٽر (2 هزار 300 ميل) آهي، جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي پار آهي. مارڪونيءَ مورَس ڪوڊ جو اکر ”S“ (ٽي نقطا) موڪليو، جيڪو ائٽلانٽڪ پار موڪليل پھريون وائرليس سگنل هو. هن تجربي ثابت ڪيو ته وائرليس ڳانڍاپي ذريعي سمنڊ پار به رابطو ممڪن آهي. هن قدمَ دنيا جي مواصلات ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. جنھن جاءِ تي مارڪونيءَ وائرليس ٽيليگرافيءَ جو اهو ڪامياب تجربو ڪيو، اها جاءِ برطانيه ۾ ’آئل آف وِٽ‘ (ٻيٽ) تي نِيڊلز پارڪ، ’الوم بي‘ جي مقام تي آهي. هاڻي ان جاءِ تي ”مارڪونيءَ جو يادگار“ تعمير ڪيو ويو آهي. جتي سيّاح روز وڏي انگ ۾ گهمڻ ايندا آهن. مارڪونيءَ جو ڪم وائرليس رابطي جي ميدان ۾ انقلابي هو، پر فيسنڊن ان کي آواز جي نشريات رستي اڳتي وڌايو. سؤلي اظھار ۾ ايئن کڻي سمجهو ته مارڪوني اکرن (ڪوڊس) واري نشريات جو باني هو، جڏهن ته فيسنڊن ڳالھائيندڙ ريڊيي جو ايجاد ڪندڙ هو. جڏهن ته ريڊيو ٽرانزسٽر (ريڊيو سيٽ / جنھن رستي اسين ريڊيي جا پروگرام ٻڌندا آهيون)، گهڻو پوءِ 1947ع ۾ ’جان بارڊين‘، ’والٽر برٽين‘ ۽ ’وليم شاڪلي‘ نالي 3 سائنسدانن ايجاد ڪيو. هن ايجاد اليڪٽرانڪس جي دنيا ۾ تمام وڏي تبديلي آندي، جنھن سان ننڍڙا، وڌيڪ ڪارائتا ريڊيو نشريات ٻڌڻ وارا ٽرانزسٽرَ ۽ هٿ ۾ کڻڻ لائق ريڊيوز ٺھڻ ممڪن ٿي سگهيا. ريڊيي جي ايجاد توڙي ان کي موجوده شڪل تائين پھچائڻ ۾ رڳو مارڪوني، فيسنڊن ۽ انھن ٽن ٽرانزسٽر ايجاد ڪندڙن جون محنتون ئي شامل ناهن، بلڪه هيٺين مُوجدن جو به ان حاصلات ۾ حصو ڳنڍيل آهي:
ــ ’لي ڊي فاريسٽ‘: جنھن ’ٽرائيوڊ ويڪيُوم ٽيوب‘ ايجاد ڪيو ۽ ريڊيو ٽيڪنالاجيءَ کي وڌايو.
ــ ’ايڊوين آرمسٽرانگ‘: جنھن ’ايف ايم‘ FM (فريڪوئنسي ماڊيُوليشن) لھرن آڌار ٻڌجندڙ ريڊيو ايجاد ڪيو، جيڪو نشريات جي معيار ۾ آواز جي چٽائيءَ جي لحاظ کان، واضح سگنلن ۽ گهٽ ’کَر کَر‘ جي ڪري هڪ انقلاب هو. آرمسٽرانگ جي FM ٽيڪنالاجيءَ ريڊيو ٻڌڻ جو معيار ۽ ذوق ئي مَٽائي ڇڏيو. آواز جي چٽي ڪوالٽيءَ سبب هي ريڊيو ٽرانسميٽر اڄڪلھه پوري دنيا ۾ عام آهي.
ريڊيي جي تاريخ جي حوالي سان هي تاريخون به ياد رکڻ گهرجن:
ــ دنيا جو پھريون ريڊيو ناٽڪ 1917ع ۾ ”اي وائرليس ويلنٽائن“ جي نالي سان ’جوزف وائيٽ‘ پاران نيويارڪ مان نشر ڪيو ويو.
ــ پھرين تجارتي ريڊيو اسٽيشن: KDKA پيٽسبرگ ۾ قائم ڪيل دنيا جي پھرين تجارتي بنيادن تي ٻڌل ريڊيو اسٽيشن هئي، جنهن 1920ع ۾ ڪمرشل بنيادن تي پھريون پروگرام نشر ڪيو. هي پروگرام امريڪي صدارتي چونڊن جي ڪوريج تي ٻڌل هو. هن ريڊيي قائم ڪرڻ جو مقصد پھريون ڀيرو ريڊيي مان آمدني حاصل ڪرڻ هو.
ــ دنيا جو خبرن جو پھريون ريڊيو پروگرام (پھريون ريڊيو نيُوز شو): 8MK (ڊيٽرائيٽ) نالي ريڊيو اسٽيشن تان 1920ع ۾ نشر ڪيو ويو.
ــ دنيا جي راند جِي پھرين سنئين سڌي نشريات: راندين جو پھريون سنئون سڌو پروگرام پڻ ان ئي ريڊيو KDKA تان1921ع ۾ نشر ٿيو، جنھن ۾ بيس بال جو هڪ ’پلي-بائي-پلي‘ مئچ نشر ڪيو ويو.
ــ دنيا جو پھريون ريڊيو اشتھار: 22 آگسٽ 1922ع تي امريڪا مان نيويارڪ شھر جي ريڊيو اسٽيشن ’WEAF‘ تان نشر ٿيو. ان ريڊيي پنھنجو پھريون ريڊيو تشھيري وقت ”ڪوينز بورو ڪارپوريشن“ نالي هڪ ريئل اسٽيٽ ڪمپنيءَ کي وڪرو ڪيو. 15 منٽن جو هي اشتهار ڪوئينز ۾ ’جئڪسن هائيٽس‘ نالي اپارٽمنٽنس (فليٽن) جي مشھوريءَ لاءِ هو.
ڊسمبر 23, 2025