بِگ بيش ليگ: گابا ۾ ڇڪن، چوڪن جي برسات، برسبين هيٽ جي پرٿ اسڪارچر کي تاريخي شڪست، ڪيئي رڪارڊ چٽ

Spread the love

خبرسبين (ويب ڊيسڪ)بيگ بيش ليگ ( بي بي ايل) جي ڇهين ميچ ۾ برسبين هيٽ پرٿ اسڪارچر کي سخت مقابلي کانپوءِ اٺ وڪيٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ميچ دوران ڪيئي رڪارڊ به چٽ ٿي ويا.
گابا ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ برسبين هيٽ پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
پرٿ اسڪارچر مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 257 رنسون ٺاهيون، فِن ايلن 79 ۽ ڪوپر ڪنولي 77 رنسون سان ٽاپ اسڪورر رهيا، جڏهن ته ايرون هارڊي 23 ۽ نِڪ هوبسن 26 رنسون ٺاهيون.
برسبين هيٽ طرفان زاويئر برٽليٽ 2 وڪيٽون ورتيون.
برسبين هيٽ ٽوئنٽي20 ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ٽيون سڀ کان وڏو ٽارگٽ چيز ڪيو، جيڪ ولڊرمٿ (110) ۽ ميٽ رنشا (102) سينچريون اسڪور ڪيون.
هي پهريون ڀيرو آهي جڏهن هڪ ميچ ۾ ٻن بيٽرن سينچريون ٺاهيون ۽ پهريون ڀيرو چيز ڪندي هڪ ئي ٽيم جي ٻن رانديگرن سينچريون اسڪور ڪيون.
ان کانسواءِ ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا (36) هنيا ويا ۽ سڀ کان وڏي ڀائيواري جو رڪارڊ پڻ ٺهيو، جتي ولڊرمٿ ۽ ميٽ رنشا وچ ۾ ٻي وڪيٽ لاءِ 212 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.
شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي ميٽ رنشا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو

ڊسمبر 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو