جنرل فيض حميد کي مليل سزا سياسي مداخلت کي روڪڻ جو سبب بڻجڻ گهرجي
تحرير: مظهر عباس
سال 2025 موڪلائيندي موڪلائيندي به هڪ تاريخ رقم ڪري ويو۔ اڃا 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم ميڊيا ۽ سياسي حلقن ۾ بحث هيٺ هئي ته اوچتو اها خبر سامهون آئي، جنهن قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي ڌماڪو ڪري ڇڏيو ته دنيا جي طاقتور ترين انٽيليجنس ايجنسين مان هڪ، آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل فيض حميد کي اختيارن جي ناجائز استعمال، آفيسيل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ۽ سياست ۾ مداخلت جي الزام هيٺ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل کان پوءِ 14 سال قيدِ با مشقت جي سزا ٻڌائي وئي آهي۔ هن فيصلي جا پڙاڏا اڳ ئي ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هيا، پر هاڻي فيصلو اچڻ کان پوءِ لڳي ٿو ته اڃا ڪهاڻي باقي آهي، ۽ جيڪڏهن معاملو اڳتي وڌيو ته ممڪن آهي ته گهڻو پري تائين وڃي۔
هن فيصلي سياسي، صحافتي ۽ دانشورن جي حلقن ۾ هڪ نئين بحث جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ته ڇا اهو فيصلو سياست ۾ غير سياسي قوتن جي عدم مداخلت جو هڪ مثال بڻجي سگهي ٿو؟ بهرحال، هن فيصلي سان ’متاثرِينِ فيض‘ جي حلقن ۾ اطمينان ۽ خوشي سمجهه ۾ ايندي آهي، پر جيڪي ’فيض جي درٻار‘ مان فائدو وٺندا رهيا آهن، اهي به ان کي ’تاريخي‘ قرار ڏئي رهيا آهن۔ شايد جيڪڏهن اسان جي سياست ۾ اهڙي مداخلت نه هجي ها ته اڄ ڪيترين سياسي جماعتن جو وجود ئي نه هجي ها، نه ئي اهڙا ماڻهو سياست ۾ اچن ها، جيڪي سياست ڪرڻ ڄاڻن ئي نه هئا۔ جنرل فيض جي فيصلي جا جيڪڏهن تفصيل سامهون آيا ته اندازو ٿيندو ته هو ڪيتري حد تائين سياسي معاملن ۾ ملوث رهيا ۽ اهي ڪهڙا ’آفيشل سيڪريٽ‘ هئا، جن کي سنگين جرم قرار ڏنو ويو۔
جيستائين اختيارن جي غلط استعمال جو سوال آهي، ته بادي النظر ۾ ان جو تعلق اسلام آباد ۾ واقع هڪ هائوسنگ اسڪيم سان ٻڌايو پيو وڃي۔ اهو اهم سوال به جواب طلب آهي ته ان سڄي دور ۾ ان وقت جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو ڪردار ڪهڙو هو ۽ هو پاڻ ڪيتري حد تائين سياست ۾ مداخلت ڪندا رهيا۔هي ڪيس ۽ فيصلو اسان جي سياست کي هڪ اهم سنگ ميل ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو، جيڪڏهن ان کي سياست يا سياسي معاملن ۾ عدم مداخلت جي هڪ مثال بڻايو وڃي ۽ ملڪ جا سياسي فيصلا سياستدانن ۽ سياسي جماعتن تي ڇڏيا وڃن۔ ان ۾ سڀ کان اهم ڪردار خود سياستدانن ۽ جماعتن جو آهي، جيڪي ڪڏهن ’درٻاري‘ بڻجڻ لاءِ تيار ٿين ٿا ۽ ڪڏهن پاڻ کي ’متاثرِين‘ سڏرائين ٿا۔ ان کان وڏي بدقسمتي ٻي ڪهڙي هوندي ته اسان جا سِويلين حڪمران آرمي چيف جي مقرري يا نامزدگي بابت به اهو سوچين ته جيڪڏهن فلاڻو اچي ويو ته منهنجو اقتدار بچي ويندو ۽ پوءِ اهڙو به ٿيندو آهي جو ساڳيو چيف اوهان کي گهر به موڪلي ڇڏي۔ جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف جا مثال اسان آڏو آهن۔ ساڳيءَ ريت، آءِ ايس آءِ چيف جي مقرري به اسان وٽ ’فرنٽ پيج‘ جي اهم خبر بڻجندي رهي آهي، جنهن مان ملڪ جي سياست جي رخ جو تعين ڪيو ويندو آهي۔ هاڻي اهو ادارن ۽ حڪومت جو ڪم آهي ته جنرل فيض حميد جي سزا کي سياست ۾ عدم مداخلت جي ڪيتري حد تائين ’مثال‘ بڻايو وڃي ٿو۔ خير، موجوده حڪمران ته پاڻ هڪ ’مثال‘ آهن ۽ پاڻ کي ’متاثرِينِ فيض حميد‘ سمجهن ٿا، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ عمران خان خلاف مارچ 2022 ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ جي پويان به جنرل قمر جاويد باجوه جو نالو ورتو وڃي ٿو۔ ويتر ته اسان جي تاريخ سياست ۾ مداخلت سان ڀري پئي آهي، پر ان ۾ سڀ کان نمايان نالو آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل حميد گل جو اچي ٿو، ميان نواز شريف جي ’سياسي تربيت‘ کان وٺي عمران خان تائين۔ مرحوم گل جي بيباڪي اها هئي ته هو ان کان انڪار به نه ڪندا هئا، پوءِ به نه ڪا سِويلين حڪومت ۽ نه ئي سندن پنهنجو ادارو مٿن ڪيس هلائي سگهيو۔ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جي بدقسمتي اها رهي ته حميد گل سندن ’ٻه ڀاڱي ٽي‘ اڪثريت روڪي، تڏهن به هوءَ مشروط حڪومت ٺاهڻ تي تيار ٿي، پر ڪجهه مهينن بعد ئي کيس هٽائڻ جون تياريون شروع ٿي ويون۔ مون ڪيترائي ڀيرا چيو ۽ لکيو آهي ته جيڪڏهن اصغر خان ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد ٿئي ها ته اڄ فيض حميد جيل ۾ نه هجن ها۔ خير، جيڪڏهن ان ڪيس کي مثال بڻايو وڃي ها ته شايد اڄ سياست جي ڪا واضح سمت هجي ها ۽ سياست ۾ مداخلت به نه ٿئي ها۔ پر هن ملڪ ۾ هر ڪم ’قومي مفاد‘ جي نالي تي ٿيندو آهي ڪڏهن اقتدار مان هٽائڻ لاءِ ۽ ڪڏهن اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ۔
اڄ عمران خان جنهن صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان جا ذميوار به بادي النظر ۾ فيض حميد ئي نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻته هن تڪرار جي شروعات خان صاحب ۽ جنرل باجوه جي وچ ۾ اختلافن ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ سان ٿي، ۽ ڳالهه فيض حميد جي آءِ ايس آءِ چيف طور ٽرانسفر تائين پهتي۔ غالباً اها ڳالهه آڪٽوبر 2021 جي آهي، جڏهن خان صاحب جنرل باجوه طرفان موڪليل ’سمري‘ روڪي ڇڏي۔ خان صاحب جي پنهنجي بيان موجب، هو جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائڻ نٿا چاهين، پر افغانستان جي صورتحال سبب کين ڊسمبر 2021 تائين رکڻ چاهيندا هئا۔ جيڪڏهن ڳالهه ’سياست ۾ مداخلت‘ جي آهي ته جنرل باجوه جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڀلي ڳالهه 2018 جي چونڊن جي هجي يا عمران خان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ جي۔ باقي 9 مئي 2023 وارو معاملو آهي، ته ان ۾ جنرل فيض ۽ عمران خان لاءِ مشڪلاتون وڌي سگهن ٿيون۔
نٿو ڄاڻان ڇو، پر جڏهن کان جنرل فيض کي سزا ٻڌائي وئي آهي، تڏهن کان مون کي جامعه ڪراچيءَ جو دوست مير حاصل بزنجو تمام گهڻو ياد اچي رهيو آهي۔ کيس ڪڏهن به اهو ڀرم نه هو ته هو ۽ سندس گروپ، يعني سينيٽ ۾ اڪثريت هئڻ باوجود، چيئرمين سينيٽ جو اليڪشن کٽي ويندا۔ تنهن ڪري، جڏهن اليڪشن کان هڪ رات اڳ مون کيس فون ڪري اڳواٽ مبارڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته کلندي چيائين: يار مظهر، اسان جا ڪيترائي سينئر فيض ياب ٿي چڪا آهن، باقي قطار ۾ آهن۔ فيض حميد کي سزا ملي ته ’متاثرِين‘ جو خوشيون ملهائڻ سمجهه ۾ اچي ٿو، پر هتي ته اهي ماڻهو به سزا کي انصاف ۽ قانون جي فتح قرار ڏئي رهيا آهن، جيڪي ڪالهه تائين ’درٻارِ فيض‘ ۾ روز حاضري ڀريندا هئا۔ لوٽا ڪريسي ان کي ئي چوندا آهن۔ فيض حميد جي سزا هڪ سبق به آهي ۽ هڪ مثال به پر ڇا اها واقعي مداخلت جو رستو روڪي سگهندي؟
ڊسمبر 18, 2025