دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ثقافتي ڏينهن، ڊاڪٽرن ۽ مريضن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر امجد حسين مستوئي پاران ثقافت تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ وڏي انگ ۾ ڊاڪٽرن، عملي ۽ مريضن پڻ شرڪت ڪئي، ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اجرڪ ٽوپيون پارايون ويون ۽ مٺائي تقسيم ڪئي وئي،
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر امجد مستوئي چيو ته سنڌ جي قديم ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌي ميڊيا جون ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن هن چيو ته سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي، ثقافت ڏهاڙو اسان جي عيد مثل آهي جنهن کي هر سنڌي ٻار پيرسن جوان ڀرپور نموني ملهائيندو آهي،
هن چيو ته ڊاڪٽر هميشه عوام جي خدمت تي يقين ڪندو آهي اسان جو فرض آهي ته مريضن جي خدمت ڪيون، ان ،موقعي تي گائني وارڊ جي مختلف ڊاڪٽرن ڊاڪٽر طاهره آريجو، ڊاڪٽر صغرا ملاح، ڊاڪٽر عرفانه پيرزادو، ڊاڪٽر احسان پنهور، ڊاڪٽر الله بخش ڪوريجو ۽ ٻين پاران گائني وارڊ ۾ داخل مريضن ۾ سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ مٺائي تقسيم ڪئي
ڊسمبر 7, 2025