ڇا 5 کان وڌيڪ سمون استعمال ڪرڻ تي موبائل فون بلاڪ ٿي ويندي؟

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ جو جعلي نوٽيفڪيشن وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته واهپيدار طرفان 5 کان وڌيڪ سمون استعمال ڪرڻ تي موبائل فون بلاڪ ڪئي ويندي.
پي ٽي اي ان دعويٰ جي سختي سان ترديد ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن ڪو واهپيدار هڪ مهيني دوران 5 کان وڌيڪ سمون هڪ ئي موبائل تي استعمال ڪندو ته ان جو آءِ ايم اي آءِ بلاڪ ڪيو ويندو.
جعلي نوٽيفڪيشن ۾ پي ٽي اي جو لوگو به استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ واهپيدارن کي وارننگ ڏني وئي پر پي ٽي اي واضح ڪيو آهي ته اهڙي ڪا به ايڊوائزري جاري ناهي ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ اهو پيغام سراسر گمراهه ڪندڙ آهي.
پي ٽي اي رڳو آءِ ايم اي آءِ ڊپليڪيشن ۽ ڪلوننگ جي نگراني ڪندو آهي ۽ ان حوالي سان ڪارروائيون به ڪندو آهي، جنهن ۾ شڪي ڊوائسز بلاڪ ڪرڻ، ايف آءِ اي سان گڏجي ڇاپا هڻڻ ۽ عوامي آگاهي شامل آهي.
پي ٽي اي عوام ۽ ميڊيا کي سختي سان چيو آهي ته اهي اداري جي ويب سائيٽ ۽ تصديق ٿيل سوشل ميڊيا اڪائونٽن ذريعي جاري ڪيل سرڪاري بيانن تي ڀاڙين.

آگسٽ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو