پاڪستان کي آمريڪا ۾ مڇي برآمد ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي آمريڪا ۾ مڇي برآمد ڪرڻ جي اجازت ملي وئي.
سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو ته پاڪستان کي آمريڪا ۾ مڇي جي برآمد جي 4 سالن لاءِ اجازت ملي آهي، جيڪو پاڪستاني سي فوڊ معيار جو عالمي اعتراف آهي.
هن چيو ته پاڪستاني مڇيون آمريڪي معيار تي پوريون لٿيون، سامونڊي شين جي برآمدن ۾ تسلسل ممڪن ٿي ويو آهي، آمريڪا جي منظوري سان پاڪستان جي برآمدن کي استحڪام ملندو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان گذريل سال 2.42 لک ٽن مڇي برآمد ڪئي، جنهن سان 489 ملين ڊالر حاصل ٿيا، جڏهن ته ايندڙ سال 600 ملين ڊالر برآمدن جو امڪان آهي.

آگسٽ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو