ٺٽو: دڪاندار جي بهادري، ڦورو مزاحمت دوران پسٽل سميت پڪڙيو، ساٿي فرار
ٺٽو(رپورٽ: نظير احمد قريشي ) ٺٽي لڳ پراڻا چليا ۾ گذريل ڏينھن شام جي وقت سرعام ٻن ڦورن پاران دڪاندار عمران جي دڪان ۾ دخل ٿي کانئس ھٿيارن جي زور تي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ دڪاندار عمران پاران مزاحمت ڪندي ھڪ ڦورو کي پسٽل سميت پڪڙي حد جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،
جتي پڪڙيل ڦورو جي سڃاڻپ راجا ملاح طور ٿي آھي، جڏھن تہ سندس ٻيو ساٿي فرار ٿي ويو، پوليس پڪڙيل جوابدار کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري ڪندي فرار ٿي ويل جوابدار جي گرفتاري لاء بہ ڇاپن جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، آخري اطلاعن تائين فرار ٿي ويل ڏوھاري گرفتار ٿي ناھي سگھيو.
آگسٽ 31, 2025