وقت سر ماڻهن کي ڪڍڻ سان قيمتي جانيون بچي ويون، عوام کي جوابده آهيون: مريم نواز

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان سڀ پنجاب جي عوام کي جوابده آهيون، سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.
پنجاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ امدادي سرگرمين جي حوالي سان اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي مريم نواز چيو ته مسلسل برساتن ۽ ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ سان صورتحال خراب ٿي، متاثر علائقن مان ماڻهن کي وقت سر ڪڍيو ويو، ٻوڏ دوران سڄي ٽيم جي ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي آهي.
هن چيو ته 6 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ سان قيمتي جانيون بچي ويون، جيترو پاڻي آيو ان جو مقابلو ڪرڻ آسان نه هو، پاڪ آرمي لاءِ دعاڳو آهيان، الله پاڪ انهن کي سلامت رکي، آرمي انتظاميا جي ڀرپور مدد ڪئي، انهن جا ٿورا مڃان ٿي.
مريم نواز خدشو ظاهر ڪيو ته جهنگ، ملتان، مظفر ڳڙهه، اوڪاڙا، ساهيوال، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، خانيوال، قصور، پاڪپتن، وهاڙي، بهاولنگر، بهاولپور، راجن پور، رحيم يار خان متاثر ٿي سگهن ٿا، ضلعي انتظاميا ٻيڙين جو وقت سر انتظام ڪري، دوائن ۽ ويڪسينيشن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

آگسٽ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو