نوشهروفيروز ۾ شهيد شوڪت علي سرگاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

Spread the love

نوشهروفيروز(رپورٽ: محمد عادل عباسي )نوشهروفيروز ڀرسان محبت ديرو جي ڳوٺ چٽل سرگاڻي جي علائقي واسين شهيد شوڪت علي سرگاڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ پوليس جي ناجائزين کان تنگ ٿي نيشنل پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو۔ مظاهرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته چار مهينا گذرڻ باوجود اسان جي شهيد شوڪت علي سرگاڻي کي قتل ڪندڙ قاتل طارق، فاروق، نظير، زاهد، عنايت، نثار، امجد ۽ ٻيا سرعام گهمي رهيا آهن۔

اسان ايس ايس پي نوشهروفيروز روحل کوسو سان بار بار مليا آهيون پر ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي۔ ٻه ڏينهن اڳ اهي اسان جي زمينن تي اچي پنج سولر پينل کڻي ويا، مٿان محبت ديرو جو ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي ڪنڊيارو انهن کان رشوت وٺي اسان جي 27 ماڻهن، جن ۾ استاد به شامل آهن، مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري اسان کي حراسان ڪري رهيا آهن، اسان کي ڊيوٽي تي وڃڻ نه ٿا ڏين۔

اسان آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز روحل کوسو، سيشن جج نوشهروفيروز ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪريون ٿا ته قاتلن کي جلدي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

آگسٽ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو