مٺي ۾ پوليس ڀرتي اميدوارن جو آفر ليٽر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

مٺي (ڊ-ر) ٿر جي پوليس کاتي ۾ پوليس ۾َ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو آفر ليٽر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو انصاف ڪريو نعري بازي احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب مٺي اڳيان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي اميدوارن علي محمد نهڙي, بشير چوهاڻ, علي محمد سميجو، شاهد چوهاڻ، عبدالڪريم سميجو، سڪندر نهڙيو ۽ ٻين شرڪت ڪري هنن چيو ته اسان پوليس ۾ ڀرتي لاءَ هر مرحلو پاس ڪيو آھي,
رننگ ٽيسٽ جون مهيني جي سخت گرمين ۾ ڪاميابي سان پاس ڪئي آھي لکت جو امتحان به پاس ڪري سٺا نمبر کنيا اٿس ۽ انٽرويو به ڏيئي چڪا آھيون پوليس ڀرتي جي سمورن مرحلن کي پورپ ڪري چڪا آھيون پر اسان کي 6 مهينا گذرڻ باوجود به آفر آرڊر جاري نه ٿيا آھن ۽ ويٽنگ لسٽ وارن اميدوارن ڪورٽ مان اسٽي آرڊر ورتو جنهن سبب سڄي ڀرتي وارو عمل رڪجي ويو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي فورن نوڪرين جا آرڊر ڏيئي انصاف ڪري جلد روزگار ڏنو وڃي
آگسٽ 31, 2025