ملير ۾ الميو: 5 ورهين جي نينگري پاڻي جي ٽينڪ ۾ ڪري فوت

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) سپر هاءِ وي ٽول پلازه لڳ ذڪريا ڳوٺ ۾ هڪ گهر ۾ 5 ورهين جي  نينگري پاڻي جي ٽينڪ ۾ ڪري حياتي وڃائي ويٺي فوتي نينگري جي سڃاڻپ زويا دختر لال دين طور ٿي آهي.

واقعي کان پوءِ گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ تڪڙو ئي امدادي ادارن کي اطلاع ڏنو ويو هن پهچي نينگري کي اسپتال منتقل ڪيو  ابتدائي طور تي معلوم ٿيو آهي ته حادثو گهر جي اندر پاڻي جي ٽينڪ  سبب پيش آيو. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سوڳ ۽ ڏک جي فضا ڇانئجي وئي

آگسٽ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو