سڪرنڊ: ايس يو پي جي ريلي، لغاري برادري سان يڪجهتي ۽ انصاف لاءِ مطالبا

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ :راجڪمار اوڏ ) سڪرنڊ مان ايس يو پي جي هزارين ڪارڪنن جو قافلو سيد زين شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ لغاري برادريء سان  يڪجھتي مورو پهتو جتي ھزارين ماڻھن جو سمنڊ اٿلي پيو موري جي روڊن تي ڪارڪن قومي گيت ۽ ڏاريندڙ نعره ھڻي ريلي ڪڊي وئي ريلي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاه ۔ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۔پنھل ساريو۔صدر ڪراچي بار وڪيل عامر نواز لغارص ڪي بي لغاري ۔گلذار عالماڻي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سيد ظفر علي شاه شامل هئا جن الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته  پيپلز پارٽي پاران موري ۾ ٿيل لغارين سان ٿيل  ظلم خلاف ۽ موري پوليس جي دھشت کي ختم ڪرڻ لاء ريلي ڪڊي آھيڍ

اسان ٻڌائڻ چاھيون ٿا حڪمرانن کي ته توھان پر امن ريلي تي گوليون ھلائي لغارين جا ٻه نوجان قتل ڪرائي ھٿ سان ڀنگلي کي باھ ڏياري موري جي لغارين قومپرست اڳواڻڻ ۔جتوئي برادريء تي بلا جواز دھشد گردي جا ڪيس داخل ڪري موري ۾ ڏھڪاء پکيڙي ڇڏيو ۽ پوليس ھٿان نوجوان اغوا ڪري انھن تي ڦرن ڌاڙن ۽منشيات جا ڪوڙا ڪيس ڪري کين چالان ڪري ڇڏيو ڪيترائي ڪارڪن گم ڪري ڇڏيا ۽ لغارين جي گھرن کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو ٻن نوجوانن کي قتل ڪري انھن نوجوانن جا  لاش دفن ڪرڻ نه پئي ڏنا لغارين جي قتل ٿيل نوجوانن جي ايف آء آر داخل ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي

لغارين کي انصاف ڏيارڻ تائين اسان جي جدوجھد جاري رھندي پيپلز پارٽي 18 سالن کان سنڌ تي قابض آھي سنڌ جا وسيلا ھڙپ ڪري ڇڏيا  ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي لکين  ايڪڙ زمين نيلام ڪري حڪومت ٿا ڪن پر اسان چئون ٿا ته پنھنجو قبلو درست ڪيو سنڌ جي ماڻھن کي ڀت سان نه لڳايو سنڌ جا ماڻھو پنھنجا حق وٺڻ ڄاڻن ٿا سنڌ خلاف سازشون ٿين پيون سنڌ کي ڌار ڪرڻ وارا اھمڪن جي دنيا ۾ ٿا رھن سنڌ سنڌين جي ڪوبه ماء جو لال سنڌ کي ٻه اڌ نه ٿو ڪري سگھي جيسيتائين ھڪ به سنڌي جيئرو آھي سنڌ الڳ نه ٿيندي سنڌ تي  جيڪوميري اککڻندو اھا اک ڪڊي ڇڏينداسين  ڊاڪٽرنياز ڪالاڻي چيو ته فورن لغارين سان انصاف نه ٿيو انھن جي قاتلن تي ايف آء آر درج نه ٿي ته پوء ڌماڌم مست قلندر ٿيندي لغاري پاڻ کي اڪيلو نه ۽سنڌ کي ورھائڻ وارا قبلو درست ڪن سنڌ اڪ جي ڪاٺي نه آ جو ھر ڪو ڀڃي ڇڏي سنڌي ماڻھو سنڌ ني انچ انچ جي حفاظت ڪري ڄاڻون ٿا  

  عامر نواز وڙائچ چيو ته اسان جا  حڪمران ھوش وڃائي ويٺا ڪرپشن ۽ پئسن جي لالچ ۾ انڌا ٿي ويا آھن  اسڍن جو مطالبو آته شھيد عرفان  لغاري۽زاھدلغاري  جي قتل جي ايف آء آر  داخل د اخل ڪري انھن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڌيارين کان واپس وٺي سنڌي ماڻھن جي بيچيني دور ڪئي وڃي   ڪي بي لغاري چيو ته لغاري نڌڻڪا نه آھن لغارين سان انصاف ٿئي لغارين جي ايف آء آر ضياء لنجار سميت سمورن قاتلن خلاف داخل ڪئي وڃي جن به لغارين جا گھر پوليس ڊاٿا آھن اھي گھر ٺھرائي ڏنا وڃن ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي نه ڏني وڃي جيڪڏھن اھي اسان جا مطالبا فورن پورا نه ٿيا ته پوء وڪيل برادري سنڌ جو سياسي سماجي قومپرست جماعتون گڏجي ھڪ سگھاري تحريڪ ھلائينديون

آگسٽ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو