سنڌ جي مهان ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس نور ڪنڀر جي 45 هين سالگره تقريب دادو جي اديبن پاران ملهائي وئي۔

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ سنڌ جي مهان ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس نور ڪنڀر جي 45 هين سالگره تقريب دادو جي اديبن پاران ايڊووڪيٽ غلام شبير گوپانگ جي آفيس ۾ ملهائي وئي، جنهن جنهن ۾ نور ڪڻڀر پاران ڪيڪ ڪاٽيو ويو شاعرن، اديبن ڪهاڻيڪارن پاران ٽوپي اجرڪ، لنگي، گلن جا هار پارايا ويا کيس تي گلن جي ورکا ڪئي وئي، تقريب جي ڪاروائي آسي بدر چنه هلائي وئي، صوفي غلام مصطفيٰ مڱڻيجو پاران آجياڻو پيش ڪيو ويو هن نور ڪنڀر کي منٽو سان تشبيح ڏني،
ڪهاڻيڪار نثار سومرو ڳالهائيندو چيو ته نور ڪنڀر جهڙي مهان ڪهاڻيڪار جو تعلق دادو سان هجڻ اسان جي لاءِ وڏي خوش نصيبي آهي نور ڪنڀر نون ڪهاڻيڪارن لاء مشعل راھ آهي ، شاعر احمد خان لاشاري چيو ته نور ڪنڀر جون لکڻيون وڏي اهميت رکن ٿيون جنهن مان اسان گهڻو ڪجه حاصل ڪري سگهون ٿا ، شاعر گلاب گل حسيني خطاب ڪندي چيو ته اسان تي اهو فرض آهي ته اهڙن بهتررن اديبن ليکڪن کي مان ڏيون نور ڪنڀر سنڌ جو بهترين ڊرامه نويس ڪهاڻيڪار آهي هن جي ڪهاڻين ۾ بهترين ميسيج ملي ٿو ، شاعر ايڊوڪيٽ غلام شبير گوپانگ خطاب ڪندي چيو ته مون لاء اعزاز آهي جو ناليواري ڪهاڻيڪار ، شفيق انسان نور ڪنڀر جي سالگره منهنجي آفيس ۾ ٿي رهي آهي مونکي خوشي آهي مون کي ميزباني جو شرف حاصل ٿيو ۔
صوفي اياز چارڻ چيو ته نور ڪنڀر اسان جي سماج ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي پنهنجن ڪهاڻين ۾ بهترين نموني سان اجاگر ڪيو آهي ، ليکڪ صحافي علي گوهر سومرو چيو نور ڪنڀر 800 کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن جيڪو وڏو اعزاز آهي هن ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي هن کي سلام ويش ڪريون ٿا سجاد چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته مون ۽ نور ڪنڀر هڪ آفيس ۾ ڪم ڪيو آهي هڪ دفعي ڪاوش اخبار ۾ تاريخ جي دري کلي ٿي ۾ نور ڪنڀر کي سالگره وش ٿيل هئي پوء مونکي خبر پئي ته هي سنڌ جو تمام وڏو نالو آهي مان هن جي شخصيت کان تمام گهڻو متاثر آهيان۔ خان جعفري پاران ڪلام پيش ڪري نور ڪنڀر کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي
آخر ۾ نور ڪنڀر خطاب ڪندي چيو ته مان سڀني دوستن جو قرضدار رهندس جنهن مونکي ايتري عزت، مان ڏنو مون هميشه ڪردار ۾ سمائجي لکيو آهي رات جي وقت سمهڻ محل به ڪتاب منهجي ڀر ۾ پيل هوندا آهن مان انهن جو مطالعو ڪندو رهندو آهيان جئين وڌ کان وڌ بهترين ۽ معياري ڪهاڻيون ۽ ڊرامه لکي سگهان اسان جو خاندان ادب سان وابسطه رهيو آهي مونکي خوشي آهي ته اڄ دادو جي اديبن مون کي ايتري عزت بخشي آهي جيڪا مان سڄي زندگي ياد رکندس ۔ تقريب ۾ مير منظور جويو ، فياض چارڻ ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۔
آگسٽ 31, 2025