سانگهڙ: سينيئر صحافي ظفرالله لغاري جي پٽ ۽ ڀائٽي تي منشيات فروشن جو حملو، صحافين جو احتجاج

Spread the love

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) سانگھڙ جي سينيئر صحافي نيشنل پريس ڪلب سانگهڙ جي ميمبر ظفراللہ لغاري  جي  پٽ ۽ ڀائٽي تي منشيات فروش جو حملو، موت مار ڌمڪيون، چوٽياريون ٿاڻي جي حد لٽڪو موري نيو پاڪستان هوٽل تي سانگهڙ جي سينيئر صحافي ڪوشش اخبار جي رپورٽر ظفر الله لغاري جي پٽ شوڪت لغاري ۽ ڀائٽي واجد علي لغاري تي منشيات فروش معشوق بردي،

صديق بردي ۽ سندن ساٿين پاران مبينا حملو ڪري مارڪٽ ڪرڻ بعد موت مار  ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا، اھڙي واقعي جي  اين سي جوابدارن خلاف چوٽياريون ٿاڻي تي  داخل ڪئي وئي، ھوڏانھن اھڙي واقعي خلاف علائقي واسين ۽ صحافي برادري پاران ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ايس ايڇ او چوٽياريون کان حملو ڪندڙن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو،

آگسٽ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو