دهشتگردي جو الزام ثابت، ڀارتي جاسوس کي 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڀارتي دهشتگرد کي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت جوابدار عثمان عرف عبدالرحمان کي مجموعي طور تي 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن دليل ڏيندي چيو ته جوابدار اڳوڻو ڀارتي شهري ۽ جاسوس آهي، جيڪو هن وقت افغانستان جي شهريت رکي ٿو.
پراسيڪيوشن عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار چمن رستي پاڪستان ۾ داخل ٿيو، جنهن جي قبضي مان ڌماڪيدار بارودي مواد برآمد ٿيو.
جوابدار عثمان خلاف 2024 ۾ سي ٽي ڊي لاهور ڪيس داخل ڪيو هو.