اسلام ڪوٽ ۾ ريڊ فائونڊيشن پاران جديد سهولتن سان ليس پرائمري اسڪول جو افتتاح

Spread the love

اسلام ڪوٽ(رپورٽ: احمدعلي سانگي) ريڊ فائونڊيشن پاران شھر ۾ قائم پرائمري  اسڪول جو افتتاح‚ تقريب ۾ ريڊ فائونڊيشن جي انتظاميا سميت وائيس چيئرمين لالا لجپت ڊي ڪي‚ واپاري اڳواڻ ڪلديپ پاروڻي پريس ڪلب جي صدر غازي بجير صحافين ڪرشن سنگھ بشير فقير سڌير راٺوڙ فاروق بجير پون راٺوڙ سميت اسڪول ۾ داخل ٻارن جي والدين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ريڊ فائونڊيشن جي انتظاميا جو چوڻ ھو ته ٿر ۾ تعليمي گھرجن کي مدي نظر رکندي اسلام ڪوٽ ۾ پرائمري اسڪول جيڪا جديد بنيادي سھولتن سميت تربيت يافتا استادن جي نگراني ۾ کولي وئي آھي 

انتظاميا چيو ته ريڊ فائونڊيشن جو مقصد تمام گھٽ فيس تي ٻارن کي صاف سٿري ماحول ۾ جديد ۽ بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ آھي ۽ اعلي تعليم ڏيڻ آھي انھن چيو ته فخر جوڳي ڳالھ آھي ته ريڊ فائونڊيشن جھڙي ساک رکندڙ اداري تي ماڻھو اعتماد ڪري رھيا آھن اھا انھن جي ڪاميابي آھي انھن چيو ته شروعاتي مرحلي ۾ صرف پرائمري ليول تي ٿر ۾ اسڪول کوليا ويا آھن جيڪا اڳتي ھلي جديد تعليم کي مدي نظر رکندي ملٽي ميڊيا سميت جديد سھولتون ڏئي پرائمري کان مڊل ۽ ھاء اسڪول تائين اسڪول کوليا ويندا انھن چيو ته ھڪ معمولي فيس ۾ ٻارن کي سٺي تعليم ڏيڻ ريڊ فائونڊيشن جو مشن آھي

جڏھن ته يتيم ٻارن جي ڪا به فيس نه آھي اھي ريڊ فائونڊيشن مان مفت ۾ جديد تعليم پرائي سگھن ٿا انھن چيو ته تربيت يافتا استادن جي زيري نگراني ۾ ھلندڙ اسڪول ۾ سولر سسٽم پيئڻ جي صاف پاڻي سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون ويون آھن انھن چيو ٿر ۾ تعليم جھڙي زيور کي سنوارڻ لاء ريڊ فائونڊيش ڪوشان آھي ٻئي پاسي اسڪول جو افتتاح اسلام ڪوٽ ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين لالا لجپتراء ڊي ڪي واپاري اڳواڻ ڪلديپ پارواڻي پريس ڪلب جي صدر غازي بجير ۽ ريڊ فائونڊيشن انتظاميا گڏيل طور ربن ڪاٽي ڪيو جڏھن ته تقريب ۾ شريڪ ماڻھن ريڊ فائونڊيشن جي ان قدم جي آجيان ڪئي ۽ خوب ساراھيو

آگسٽ 31, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو